غريب آهيان حڪومت ۽ ادار تحرڪ وٺي زال ۽ ٻارن جي واپسي لاءِ مدد ڪن: پرين شيخ
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو پريس ڪلب ۾ زال ۽ ٻارن جي ڳولا لاءِ پيرسن پاڪ ڪتاب کڻي پهتو، ميڊيا آڏو نير ورهائيندي ڪورڪي خيرپور ميرس جي رھواسي پرين شيخ دانھيو ته 3 ڏينهن کان زال گلشن پٽ علي رضا ۽ حسنين شيخ گم آهي، منهنجا ساھرا دادو پنج مور جا رھواسي آهن،
سهري ڪريم داد شيخ جي گھر زال ۽ ٻار مائٽن وٽ به نه آهن، هن ڪلام پاڪ جا واسطا ڏيندي زال ۽ ٻارن جي موٽائي ڏيڻ جي گھر ڪئي ، هن چيو ته مان غريب آهيان حڪومت ۽ اداره تحرڪ وٺي زال ۽ ٻارن جي واپسي لاءِ مدد ڪن.
مَي 7, 2024