فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ريٽائرڊ جنرل فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏني وئي آھي: سيد خورشيد شاھ
سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو سي اي سي ڪندي ڪالهه اسلام آباد کان آيو آھيان
مون کي ان جي خبر ناهي اهڙو اظھار هن غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ۽ شاگردياڻين جي سهڪار سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 13 ورسي جي سلسلي ۾ اسپورٽس ويڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو
ان موقعي تي وائيس چانسلر ايس ايم بي بي يو لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه، ڊپٽي ڪمشنر سکر محمد بخش ڌاريجو، جي ايم سي جي پرنسپال ڊاڪٽر الطاف شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاھ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ريٽائرڊ جنرل فيض حميد کي ڪلين چٽ ڏني آھي ته پوءِ يقينن اهو ئي درست فيصلو هوندو، اسان کي ان تي وڌيڪ ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي پر ان قانون تي نظرثاني ڪري سگهجي ٿي
جنهن تي پارليامينٽ کي نظر انداز ڪيو وڃي. هن سنڌ ۽ پنجاب حڪومت کي اپيل ڪئي ته ڪڻڪ خريد ڪري پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري هارين جا مسئلا حل ڪيا وڃن سکر سول اسپتال جي فنانس ڊائريڪٽر کي بي قاعدگين سبب هٽايو ويو آهي
وڏي وزير کي چوندس ته ڪنهن ايماندار ماڻھون کي مقرر ڪري.سپريم ڪورٽ جيڪڏهن قانون کي معطل ڪرڻ جو حڪم پاس ڪري ته ان کي قانون ٺاهڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پارليامينٽ ڏانهن وڃڻو پوندو.پارليامينٽ ئي قانون ٺاهي ٿي
پر ٻيو ڪو ادارو پاڪستاني پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون کي ختم نٿو ڪري سگهي پر ترميم لاء پارليامنٽ ڏاهن موڪلي سگهيٿو۔پاڪستان هڪ وڏو ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وڏا فائدا آهن.
مَي 6, 2024