يوم مئي: ملڪ ۾مزدور جي معاشي استحصال کي روڪڻ گھرجي

Spread the love

سموري دنيا سميت اسان جي پياري پاڪستان ۾ اڄ پورھيتن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي.پورھيتن جي عالمي ڏھاڙي جي اھميت ان ڪري آھي جو عالمي طور تي سموري دنيا اندر صنعتڪاري، پيدواري شعبي اندر سرمائيداراڻي نظام تحت ھڪ ھٽي واري پورھيت دشمن فضا ڇانيل ھئي، جنھن ڪري مزدور طبقي لاءِ 18ڪلاڪ ڪم ڪرڻ ضروري ھوندو ھو، جڏھن تھ اجرت بھ ايتري گھٽ ھوندي ھئي جو پورھيت لاءِ سندس خاندان جي فردن لاءِ رڳو کاڌي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ بھ پوري نھ ھوندي ھئي، اھڙي ظالماڻي عالمي نظام سان مھاڏو اٽڪائيندي دنيا جي پورھيت طبقي پاران پھرئين احتجاجي تحريڪ جي شروعات فرانس کان ڪئي وئي، جيڪا ڊيگھھ وٺندي سموري دنيا اندر ھلچل واري ماحول ۾ تبديل ٿي وئي، جھڙي طرح سان موجودھ عالمي نظام ۾ امريڪا ۽ اولھھ وارن ملڪن جي ھڪ ھٽي ۽ سپر پاور واري طاقت وسيلي اسرائيل 50 ھزار کان وڌيڪ فلسطينين کي شھيد ڪري چڪيو آھي، پر سموري دنيا اندر اھڙي جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا عالمِ اقوام پاران جنگ بندي واري جمع ڪرايل تحريڪ کي سپر پاور وارو ويٽو استعمال ڪندي فلسطينين جي قتل عام کي جاري رکيو پيو وڃي، ۽اھڙي ساڳئي  تسلسل تحت آمريڪا اندر فلسطينن جي قتل عام خلاف شروع ٿيل شاگرد تحريڪ کي پڻ ڪچلڻ لاءِ شاگردن مٿان فائرنگ ڪئي وئي، ۽ ھزارين شاگردن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو، اھڙي ئي پورھيت دشمن طاقتن جي چوڻ تي آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ 1986ع دوران پورھيتن جي احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ھزارين پورھيتن مٿان فائرنگ  ڪئي وئي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي پورھيتن پنھنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ھيون، انھن جي ڏنل قربانين جي نتيجي ۾ نھ رڳو اڄوڪي ڏينھن تي پورھيتن جي عالمي ڏينھن کي ملھايو پيو وڃي، پر پورھيت کي ھفتي ۾ ھڪڙي ڏينھن جي موڪل سميت ٻين سھولتن ڏيڻ جو عالمي قراردار منظور ڪيو ويو، جنھن کي پاڪستان پاران پڻ نھ رڳو تسليم ڪيو ويو آھي، پر پورھيتن کي انھيءَ تسليم ٿيل چارٽر مطابق پر ڪشش اجرت سميت ٻيون سھولتون مھيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو آھي، پر افسوس تھ اسان جي ملڪ اندر پورھيت طبقي لاءِ اھي سھولتون ۽ پر ڪشش اجرت ناپيد آھي، حد تھ اھا آھي تھ مھانگائي جي حساب سان جتي سرڪاري ملازم جي پگھار 35 ھزار کان شروع ٿئي ٿي، ان جي مقابلي ۾ روزاني بنياد تحت پگھر وھائيندڙ پورھيت کي نالي ماتر اجورو ڏنو پيو وڃي، اھو ئي سبب آھي جو اسان جي ملڪ اندر نھ رڳو پورھيت پر عام ماڻھو جنھن جو شمار سيڪنڊ طبقي ۾ ٿئي ٿو اھو پڻ فاقھ ڪشي کان تنگ اچي خودڪشيون ڪري ٿو ۽ بُک جي باھھ اجھائڻ لاءِ پنھنجن ٻارڙن کي وڪڻڻ لاءِ سربازار ۾ ھوڪا ڏئي ٿو، ان ڪري اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي صلاح ڏجي ٿي تھ پورھيت طبقي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ اجرت پنجاھھ ھزار رپيا ڪرڻ سميت وڌندڙ مھانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اٽي، کنڊ، تيل، مرغي، سبزي مافيا کي لغام ڏيڻ گھرجي تھ جيئن ملڪ جي مٿئين طبقي سميت وچولي ۽ ھيٺئين طبقي جو عوام ٻن ويلن جي ماني سولائي سان حاصل ڪري سگھي.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو