دادو : مغوي بشيران چانڊيو جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پاران  احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) موندر ناڪو دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان 3 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ناري بشيران چانڊيو جي ڪيس جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ناري جي وارثن شاھنواز، مسمات شبيران، مسمات الهبچائي چانڊيو معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

 مظاهرين دانهيو  ته 3 مهينا اڳ جوابدارن گل بهار چانڊيو، منظور منٺار ۽ ظهير چانڊيو هٿيارن جي زور تي اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري کڻي ويا هئا جنهن کي عدالتي حڪم تي پوليس بازياب ڪرائي هئي  هن مهل ڪيس ۾ ملوث جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن گذريل رات  جوابدارن اسان جي گهر تي فائرنگ ڪئي آھي پر پوليس ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو