گھوٽڪي : جسقم اڳواڻ امتياز ڀٽو جي آزادي لاءِ جسقم پاران احتجاجي مظاھرو

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) جسقم اڳواڻ امتياز ڀٽو جي آزادي لاءِ جسقم طرفان احتجاج ڪيو ويو جسقم ڪارڪنن ڊگري ڪاليج ميرپورماٿيلو کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف هنڌن تان گشت ڪري مين جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

 احتجاج دوران ڪارڪنن امتياز ڀٽو جي آزادي لاءِ ڇتي نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جسقم ضلع صدر فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، نصرالله ڪلادي، ايڊوڪيٽ نديم ملاڻو، وريام ڪلهوڙو، عبدالمجيد ميربحر، يوسف بوزدار، شهريار خان مرڻاس، جاويد ديشي، جنيد جلباڻي ۽ ٻين چيو آهي ته ضلع گهوٽڪي م بدامني ڌاڙا،  روز جا معمول بڻيل آهن

 پر ڏھرڪي پوليس ڌاڙيلن چورن کي گرفتار ڪرڻ بدران پر امن قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ٽي ڏينهن اڳ  ڏھرڪي پوليس ڀٽائي چوڪ تي لڳل قومي جهنڊو لاٿو ته جسقم اڳواڻ امتياز ڀٽو پڇا ڪئي ته پوليس اهلڪار مٿس مڇرجي پيا ۽  تشدد ڪري  ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 اڳواڻن  چتاءُ ڏنو ته جيستائين جسقم اڳواڻ امتياز ڀٽو مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد نه ڪيو ويندو ايسيتائين پرامن احتجاج جاري رهندو. اڳواڻن چيف جسٽس سنڌ ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته جسقم اڳواڻ امتياز ڀٽو مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي.

مَي 4, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو