عورت زرعي ڪارڪنن پاران اجورو ليبر قانون مطابق ڏيڻ جي گھر
سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ سماجي ڪارڪنن سنڌ وومين ائگريڪلچر ائڪٽ 2019ع جا قاعدا، قانون ۽ ضابطا جوڙي نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي عورت زرعي ڪارڪنن جو اجورو ليبر قانون موجب مقرر ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي.
ناري فائونڊيشن، آواز فائونڊيشن ۽ پاڪستان ڊولپمينٽ الائنس فورم ايشيا جي سهڪار سان گلوب چوڪ تائين ريلي ڪڍي. ناري فائونڊيشن جي ايگزيڪٽو ڊئريڪٽر انور علي مهر، صفيه بلوچ، ثمرين نجيب لاکو، راحيلا انصاري، آمنه گهانگهرو، عورت هاري عذرا، اشرف خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ريليءَ ۾
مطالبو ڪيا وياته زرعي پورهيتن کي به رسمي پورهيت تسليم ڪيو وڃي. مردن ۽ عورتن کي زرعي پورهيتن کي به پاڪستان جي موجوده قانونن موجب حق ڏنا وڃن ۽ انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي چارٽر تي عمل ڪيو وڃي.
هنن سنڌ وومين ائگريڪلچر ائڪٽ 2019ع جا قاعدا، قانون ۽ ضابطا جوڙي نافذ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي عورت زرعي ڪارڪنن جو اجورو ليبر قانون موجب مقرر ڪرڻ جي گھر پڻ ڪئي.
مَي 4, 2024