ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا … ڊاڪٽر عابد مظهر جي لطيفي پرک

Spread the love

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 محمد عابد شاهه/ ڊاڪٽر عابد مظهر باجارا ضلعي ڄامشوري ۾ سيد مظهر سيوهاڻيءَ جي گهر ۾ 21 مئي 1951ع تي جنم ورتو، شروعاتي تعليم باجارا ۽ پوءِ دادو ۽  حيدرآباد مان پڙهيائين، ايم اي ايڪانامڪس، سنڌ يونيورسٽي ۽ ايم اي سنڌي ڪراچي يونيورسٽيءَ کان ڪرڻ بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگراني ۾ لطيف سرڪار جي باري ۾ “شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ تصوف جا سلسلا” جي عنوان سان پي ايڇ ڊي لاءِ مقالو 2008ع ۾ لکي سَندَ حاصل ڪيائين، پاڻ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ئي استاد مقرر ٿيو، 2011ع ۾ ريٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر عابد محقق کان سواءِ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر طور سڃاڻپ رکندڙ آهي، کيس سندن ڪهاڻين، شاعري ۽ تحقيق تي ايوارڊ مليا آهن، ٻين ڪتابن ۾ “پڪا پيرون” (مضمون)، “گم ٿيل محبتون” (ڪهاڻيون)، “وڇوڙي جو آٽوگراف” (شاعري)، “محبت ۽ مايا” (ڪهاڻيون)، “بزمِ غزل” (ترتيب: شاعري) ۽ مٿئين عنوان وارو پي ايڇ ڊي مقالو آهي، هي ڪتاب  ثقافت کاتي پاران 2012ع ۾ شايع ٿيو. 269 صفحن جي هن تحقيق ۾ ست باب آهن،  ٻه اکر جي سِري هيٺ ليکڪ لکي ٿو ته، “هيءَ حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ ويدانت ۽ تصوف جا ڪيترائي سلسلا سنڌ جي صوفياڻي سر زمين تي پرورش حاصل ڪري رهيا هئا. پر مون پنهنجي هن مقالي ۾ تصوف جي اسلامي سلسلن چشتيه، سهر ورديه، قادريه ۽ نقشبنديه جو ذڪر ڪيو آهي. شاهه سائين خود به خانداني حوالي سان قادريه سلسلي سان تعلق رکندڙ هو. ان ڪري مون کي به سٺو لڳو ته انهن سلسلن جي اوسر تي ڪم ڪريان”. (صه 12)

بابن جا عنوان هن ريت آهن: باب پهريون- ‘شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو احوال’ ۾ شاهه صاحب جي خاندان جي سنڌ ۾ آمد بابت احوال سان گڏ شاهه حبيب جو ڪٽنب، شاهه عبداللطيف جي ولادت، ابتدائي تعليم، ڪماليت ڏانهن وڌڻ جو دور، ڀٽ وسائڻ وارو دور، والد جو انتقال، والد صاحب جي گادي سنڀالڻ، عقيدتمندن، مريدن، عالمن ۽ صوفي بزرگن سان صحبتون ۽ شاهه صاحب جي وفات ڄاڻايل آهن.

باب ٻيو ۾ شاهه ڀٽائيءَ جي همعصر صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو مختصر احوال آهي، جنهن ۾ چاليهه شخصيتون جيئن، مخدوم دين محمد سيوهاڻي، مخدوم عبدالرئوف هالائي، مخدوم ضياءُ الدين، ميان صلاح الدين فاروقي، شاهه عنايت شهيد، شاهه عنايت رضوي، روحل فقير، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، خواجه محمد زمان لنواري وارو، درويش صابر ولهاري، مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ ٻيا ذڪر ڪيل آهن.

باب ٽيون تصوف جي تشريح تي آڌاريل آهي، ان جي ذيلي عنوانن ۾ تصوف جي معنيٰ ۽ ان متعلق مختلف عالمن جا رايا، تصوف جي ابتدا ۽ قسم، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود، ننڍي کنڊ ۾ تصوف جي شروعات، سنڌ ۾ تصوف جي شروعات، سنڌي سماج تي تصوف جو اثر آهن. باب چوٿون چشتي سلسلي جي ابتدا تي مشتمل آهي، جنهن جي شروع ۾ ننڍي کنڊ ۾ چشتيه سلسلي جي اوسر، سنڌ ۾ چشتي سلسلو، شاهه لطيف ۽ سماع آهن ۽ پوءِ ننڍي کنڊ جا مشهور چشتي بزرگ جي عنوان سان خواجه معين الدين چشتي، خواجه نظام الدين اولياء، خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، خواجه فريد الدين شڪر گنج، سيد محمد گيسو دراز، مولانا محمد علي سنڌي، حضرت عبدالله چشتي ۽ ٻيا ذڪر ڪيا ويا آهن.

باب پنجون سهروردي سلسلي جي ابتدا ۾ ننڍي کنڊ ۾ سهروردي سلسلو، سهروردين جو ذڪر، سنڌ ۾ سهروردي سلسلي کان پوءِ سهروردي سلسلي مان نڪتل ٻيا سلسلا ۾ شهابيه سهرورديه، فردوسيه سهرورديه، رسول شاهيه سهرورديه ۽ ٻيا بيان ڪيل آهن، هن سلسلي جي بزرگن ۾ حضرت شيخ شهاب الدين، شيخ بهاؤ الدين ذڪريا ملتاني، شيخ رڪن الدين، شيخ نجيب الدين متوڪل، حضرت جلال الدين سرخ بخاري، شيخ حميد الدين ناگوري سان گڏ سنڌ جي سهروردي بزرگن ۾ حضرت پير پٺو، محمد مڪي بکري، لعل شهباز قلندر، شاهه صدر الدين لڪياري، شيخ طاهر اڏيرو لال، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي، مخدوم نوح، حضرت مخدوم بلاول، حيدر شاهه سنائي آهن.

باب ڇهون قادري سلسلي جي اوسر تي مشتمل آهي، ان ۾ قادري سلسلي جو مختلف هنڌن تي بنياد، ننڍي کنڊ ۾ قادري سلسلي جي اوسر، سنڌ ۾ قادري سلسلي جي اوسر مشهور قادري بزرگن ۾ حضرت جنيد بغدادي، حضرت عبدالقادر جيلاني، حضرت شيخ عبدالوهاب، شيخ محي الدين ابن عربي، شيخ فريد الدين عطار ۽ شيخ سري سقطي، قدس الله ۽ ٻين سان گڏ سنڌ جي بزرگن مان بيبي جمال خاتون سيوستاني، حضرت ميان مير سيوستاني ۽ ٻين جو احوال ۽ واقعا آهن.

باب ستون نقش بندي سلسلي جي ابتدا، ننڍي کنڊ ۾ نقشبندي سلسلي جي اوسر، سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي اوسر کان پوءِ مشهور نقشبندي بزرگ شيخ با يزيد بسطامي، خواجه بهاؤ الدين نقشبندي، شيخ مجدد الف ثاني، شيخ ابوالحسن فرقاني سان گڏ سنڌ جا بزرگ مولانا جلال الدين ٺٽوي، مخدوم جلال الدين کهڙوي، ميان ابوبڪر لاهري، مخدوم محمد عاقل (اول) ۽ ٻيا ڄاڻايل آهن.

نقشبندي سلسلي جي مخدوم معين ٺٽويءَ جي باري ۾ محقق لکي ٿو، ”مخدوم محمد معين جي شاهه عبدالطيف سان محبت واري دوستي هئي. اڪثر ٻئي هڪٻئي وٽ ڪچهرين ڪرڻ لاءِ ايندا ويندا هئا. پاڻ اڪثر تصوف تي بحث ڪندا رهندا هئا. مخدوم محمد معين شاهه سائين جي راڳ جو عاشق هو. (صه 64). وحدت الوجود جي نظريي جي حامي هن صوفيءَ جي جنازي ۾ شاهه لطيف شموليت ڪئي. خواجه محمد زمان سان شاهه صاحب جي ملاقات جو تفصيل ڏنل آهي پر سندن طر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سماع کي ترڪ ڪرڻو هو جو ڀٽ ڌڻيءَ کي منظور نه هو. ان ريت کانئن وڏي عزت ۽ احترام سان موڪلايائون. سندن شان ۾ شاهه لطيف جو چيل هيءُ بيت مشهور آهي:

مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،

تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.

راڳ رنگ ۽ رقص چشتيه سلسلي ۾ مروج آهي، شاهه لطيف تصوف جي سلسلي ۾ قادري سلسلي سان واسطو رکندڙ هو، پر سماع سندن جيءَ جو جياپو هو. ڊاڪٽر مظهر عابد لکي ٿو ته، “شاهه عبداللطيف ڀٽائي راڳ ۽ موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، ۽ پاڻ سماع کي عبادت ڪري سمجهندو هو، ڇاڪاڻ جو سماع جو اثر صوفين، اوليائن ۽ خدا جي عاشقن تي اهڙو ٿو ٿئي جو هو  بيخوديءَ ۾ مست ٿيو راءِ ڏياچ وانگر سر به وڍيو ڇڏين، شاهه سائين تصوف جي سلسلي قادريه سان واسطو رکندڙ هو، پر سماع سان دلچسپي سبب چشتيه سلسلي جو لڳندو هو”. (صه 130)

هن مقالي جو عنوان “شاهه لطيف جي دور ۾ تصوف جا سلسلا” آهي جنهن ۾ محقق جي مقصديت اهائي آهي، ته شاهه لطيف تي انهن صوفي سلسلن جا ڪهڙا اثر پيا؟ يا جنهن تصوف جي سلسلي جا پاڻ پيروڪار هئا ان حوالي سان هن تحقيق ۾ لاڳاپيل تصوف جي سلسلي بابت ڪجهه وڌيڪ تفصيل هئڻ کپندي هئي ۽ انهيءَ صوفي سلسلي جا اثر شاهه سائين ڪيئن  قبول ڪيا؟ جو اڀياس پڻ ضروري هو ته اهو موضوع وڌيڪ کُلي سامهون اچي ها. باقي عنوان جي اوک ڊوک جي حوالي سان  تصوف جي سلسلن جي اپٽار ڪيل آهي، جنهن ۾ ننڍي کنڊ توڙي سنڌ جي صوفي سلسلن جي بزرگن بابت ڪارائتي معلومات آهي.

مَي 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو