ڀٽو خاندان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت انصاف جو انتظار ڪري رهيو آهي: مرتضى وھاب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ سنڌ جي قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 44 سالن گذرڻ باوجود به ڀٽو خاندان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل بابت انصاف جو انتظار ڪري رهيو آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان ڀٽو قتل ڪيس ۾ داخل ريفرنس تي ٻيهر غور ڪري. بلاول ڀٽو 5 اپريل تي گمبٽ ۾ ڦڦڙن جي ٽرانسپلانٽ انقلابي منصوبي جو افتتاح ڪندو. مهانگائي کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت 78 لک ماڻهن کي جن جي ماهوار آمدني پنجاهه هزار رپين کان گهٽ آهي، اٽي تي سبسڊي ڏني پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 44 سالن کانپوءِ به ڀٽو خاندان انصاف جو انتظار ڪري رهيو آهي. جنهن شخص جي محنت جيڪري پاڪستان کي هڪ متحد آئين مليو اهو آئين شهيد ڀٽو جي ڪوششن جو نتيجو هو. سقوم ڍاڪا کان پوءِ هن قوم جي قيادت سنڀالي، هندستان مان جنگي قيدين کي آزاد ڪرايو، لکين ايڪڙ زمين هندستان جي قبضي مان آزاد ڪرائي، پاڪستان ۾ ايٽمي پروگرام شروع ڪيو، اسٽيل مل، پورٽ قاسم ڀٽو صاحب شروع ڪيو. ڀٽو روزگار جا موقعا کوليا پر 44 سال گذري ويا پر ذوالفقار علي ڀٽي کي انصاف نه مليو. جنهن شخص عدالتن جي حترام جي لاءِ جان جو نظراڻو ڏنو ان شخص کي انصاف ملڻ گھرجي. هن چيو ته پاڪستان جو مقبول ترين وزيراعظم تڪراري فيصلي جو شڪار ٿي ويو 4 اپريل بابت مان چيف جسٽس کي درخواست ڪندس ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان کي پاڪستان جي عدالتي تاريخ جو ڪارو فيصلو قرار ويندو آهي ان کي ختم ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو رڳو ناڪاري سياست ڪندا آهن. پنج تاريخ تي بلاول ڀٽو گمبٽ ۾ هڪ ٻئي وڏي منصوبي جو افتتاح ڪري رهيو آهي. اسان عوام جي سهولت لاءِ منصوبا آڻي رهيا آهيون. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته موجوده مالي مشڪلاتن باوجود ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ 15 ارب رپين جي سبسڊي ڏني ويندي، جنهن ۾ غريبن کي اٽو فراهم ڪيو ويندو. جن جي پگھار 55 هزار رپين کان گهٽ آهي، انهن کي به ٻه هزار رپيا ڏنا ويندا، پهرين مرحلي ۾ 29 مارچ کان 2 اپريل تائين 1616422 مستحق ماڻهن کي اٽي جي مد ۾ رقم ملي آهي، ان ڪم جي ڪا به تصوري ناهي بڻائي ڪو به ڇڇور پن ناهي ٿيو هينئر تائين 7.6 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن. 15 اپريل تائين سمورن 78 لک ماڻهن کي رقم فراهم ڪئي ويندي، جن ماڻهن کي ميسيج ناهي آيو اهي بي آءِ ايس پي جي ٽيم سان ملاقات ڪن، انهن سمورن معاملن جي تشهير ناهي ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته خاموشي سان ماڻهن جي مدد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته چيف جسٽس جو ڪم آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪرڻ آهي، جيڪڏهن وزيراعظم اڪيلو حڪومت ناهي ته پوءِ چيف جسٽس به اڪيلو سپريم ڪورٽ ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽارگيٽ ڪلنگ، اسٽريٽ ڪرائم هڪ مسئلو آهي. ڊاڪٽر بيربل جو ڪيس افسوسناڪ آهي ۽ جاچ جاري آهي. مذهبي شخصيت جي قتل ۾ ملوث گروهه جو پتو لڳايو ويو آهي، پوليس کي گهرجي ته هو پنهنجي انٽيليجنس ذريعي ڏوهن تي ضابطو آڻي، جتي پوليس ايف آءِ آر درج نه ڪندي ته سنڌ حڪومت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته پهريون حق ان صوبي جو آهي جتي گئس ملي ٿي، سنڌ حڪومت گيس مسئلن تي وزيراعظم سان مسلسل رابطي ۾ آهي ڇو ته اسان کي گئس جي ضرورت آهي. ماضي ۾ جن ماڻهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهن کي نيب حوالي ڪيو ويو. وڏي وزير ڪراچي جي عوام کي سستي بجلي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته نيب ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو. پارليامينٽ جو ڪم قانون ٺاهڻ آهي، جڏهن ته عدالتن جو ڪم قانون جي تشريح ڪرڻ آهي. اليڪشن ڪميشن جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي، اليڪشن ڪميشن پارلياماني ڪم ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي. اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 57 ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر سان مشاورت کانپوءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندي. هي آرٽيڪل ٻين شقن تي اوليت رکي ٿو اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي ته هو اليڪشن جي تاريخ تبدي ڪري سگھي ٿو.
اپريل 4, 2023