ھنڱورجا: آبادگارن پاران باردانو نھ ملڻ خلاف احتجاجي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم

Spread the love

ھنڱورجا ( رپورٽ :حب علي جهانگر) ھنڱورجا فوڊ سينٽر جي آڏو رسول آباد ۽ ھنڱورجا جي آبادگارن ۽ ھارين جي پاران باردانو ن ملڻ جي خلاف احتجاجي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي

 احتجاج ڪندڙ آبادگارن ھارين پ پ پ اڳواڻ عباس راڄپر۔ محمد صديق راڄپر۔ پيرل سھتو ۔ محمد دائود نوحپوٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ت ھنڱورجا فوڊ سينٽر جي فوڊ انسپيڪٽر سمورو باردانو آبادگارن جي بدران واپارين کي ڪميشن عيوض ڏنو آھي

 جنھن سبب آبادگار ويچارا گھٽ اگھ تي پنھنجي ڪڻڪ واپارين کي ڏيڻ تي مجبور آھن ھنن مطالبو ڪيو آھي ته فوري طور تي باردانو آبادگارن کي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

مَي 1, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو