ناياب ٿيندڙ هاسٽل ڪلچر ۽ تاريخي حقيقتون
منير حسين کوکر
هاسٽل انهيءَ رهائش کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻاهرين ماڻهن يا شاگردن لاءِ انساني گهرج جي سهولتن جهڙوڪ، (ذاتي يا گڏيل) رڌڻو ۽ باٿ روم لازمي طور هجي ۽ اها رهائش ڪنهن مخصوص وقت يا مدي لاءِ گهٽ ڀاڙي ۽ خرچ تي وٺي سگهجي. خصوصي طور تي اهي شاگرد جيڪي پنهنجي گهر کان پري ڪنهن ٻئي شهر، صوبي يا ملڪ ۾ تعليم پرائڻ ويندا آهن، اهڙن شاگردن لاءِ هاسٽل انهن جي بنيادي انساني گهرج بڻجي پوي ٿي. اها تعليمي ادارن يا رياست جي ذميواري آهي ته اهي ڏورانهين علائقن کان آيل شاگرد کي گهٽ ۾ گهٽ ايتري سٺي، سستي ۽ محفوظ رهائش يا ته فراهم ڪن يا ان جو بندوبست ڪن ته جيئن ڪو به شاگرد پاڪستاني آئين جي آرٽيڪل 25 تحت ڏنل تعليم جي بنيادي انساني حق کان محروم نه رهي سگهي.پاڪستان ۾ سرڪاري تعليمي ادارا سرڪاري بجيٽن، گرانٽن ۽ فنڊن تي هلڻ جي باوجود به تعليم جي نجڪاري وارو معاملو گهڻو سنگين بڻجندو وڃي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو سرڪاري ادارا شاگردن کي بنان ڪنهن آمد رفت، رهائش يا کاڌي پيتي جون گهربل سهولتون ڏيڻ جي تعليم کي ڌنڌو بڻائي نصابي تعليم وڪڻي رهيا آهن. جيڪا هڪ حوالي سان انساني ۽ بنيادي حقن، عالمي انساني حقن جي پڌرنامي (UDHR) جي آرٽيڪل 26 ۽ معاشي، سماجي ۽ ثقافتي حقن جي بين الاقوامي معاهدي (ICESCR) جي آرٽيڪل 13 (مفت تعليم) جي لتاڙ آهي. ڇو جو هاسٽل ۽ ٻين سهولتن لاءِ سرڪاري فنڊن ۽ بجيٽن کان علاوه تعليمي ادارا شاگردن کان ڇهه ماهي يا سالانه طور تي فيون پڻ وصول ڪندا آهن، جنهن کي پڻ وقت سر وڌائڻ، تعليم ۾ نجڪاري ڪرڻ آهي. اڳ ۾ پاڪستان ۾ ماضي ۾ اسڪولن توڙي ڪاليجن سميت يونيورسٽين ۾ ڏورانهين علائقن ۽ ٻهراڙين کان آيل شاگردن کي ضروري سهولتن جهڙوڪ، رهائش، اچ وڄ لاءِ سستي ۽ آسوده آمد و رفت، صحت بخش ۽ سهانگي کاڌ خوراڪ ۽ لائبريري وغيره جهڙيون سهولتون هونديون هيون، ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ شاگرد يونين به هئي ۽ شاگردن جي حقيقي نمائندگي به.
جيئن جيئن وقت ۽ دنيا اڳتي وڌي رهي آهي، تيئن تيئن حالتون خصوصن پاڪستان جو تعليمي منظرنامو غيرفعال ٿيندو پيو وڃي. تعليمي معيار، تحقيق، تنقيد، تنقيدي شعور، سائنس، نصاب، ڪتاب، تعليمي ادارن جا انتظامي معاملا، شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ دوستيون ۽ اظهار جي آزادي سميت بنيادي سهولتون، هاسٽل ڪلچر، ماضيءَ ۾ تعمير ٿيل هاسٽلون، بسون، ڪينٽينون ۽ سبسِڊيون سڀ تباهي جي ڪناري تي پڄي وڃائجي رهيون آهن. ان کان وڌيڪ ڪهڙي افسوس جهڙي ڳالهه هوندي جو رياست تاريخي ورثو ته وڃائي ئي رهي آهي پر خود تاريخ مسمار ڪري ڪوڙي تاريخ نصاب ۾ وجهي نئين نسل کي نام نهاد مارڪيٽ، مذهب ۽ اشرافيه توڙي اسٽيبلشمينٽ جي ماتحت ڪري محبِ وطن “يَس مين” پيدا ڪرڻ جي ٽاسڪ کي لڳل آهي.
شايد اسان وٽ پاڪستان جي پهرين وزيرِ اعظم لياقت علي خان جي اها پاليسي اڃا لاڳو آهي، جنهن تحت ورهاڱي وقت ڀارت مان لڏپلاڻ ڪري آيلن هتي هندن جي ڇڏيل گهرن، زمينن ۽ جائداد تي اچي قبضا ڪيا هئا. شايد انهيءَ ساڳي پاليسي سميت رياستي ۽ ادارتي لاپرواهي جو ئي نتيجو آهي جو شاگردن جي تاريخي هاسٽلن تي ناجائز قبضا ٿي چڪا آهن. باوجود تاريخ، آرٽ ۽ تعميراتي فن سان پيار ڪندڙن جي پوري ملڪ خصوصي طور تي ڪراچيءَ مان آهستي آهستي تاريخي جڳهيون وڃائجي رهيون آهن. جي ڪجهه بچيون به آهن ته انهن جا نالا تبديل ڪري انهن جي شناخت ۽ تاريخ کي ڊاهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي آهي. ان جو مثال، رام باغ جو نالو مٽائي آرام باغ ڪرڻ، موهاتا پليس کي قصرِ فاطمه جي نالي ۾ تبديل ڪرڻ سميت ٻيا به ڪيترائي مثال آهن. اصلوڪا نالا نه فقط خطي جي تاريخ جو حصو هوندا آهن پر انهيءَ خطي جي حقيقي تاريخ جي نشاندهي پڻ ڪندا آهن. پر جهڙي ريت تاريخي ورثي کي قبضه گيرن حوالي ڪرڻ يا بچيل تاريخ ۽ ميراث جي شناخت ميسارڻ شروع ڪئي وئي، ان مان اهو ئي تاثر جڙي ٿو ته ماضي جي انڪاري هئڻ سان گڏ هي رياست ڌرمي ويڇن کي اهميت ڏي ٿي.
ماضي ۾ تعليمي ترقي ۽ حسناڪي جو اعليٰ مثال هر اداري کي پنهنجي شاگردن لاءِ پنهنجي پنهنجي هاسٽل ضروري طور هجڻ هو. پر ملڪ جي انهن سمورن تاريخي ثقافتي ورثن تي ڪيئن قبضا مافيا اچي ديرا ڄمايا ۽ ڪيئن تاريخي هاسٽلون تعليمي ادارن مان ڦري سرڪاري دفترن ۽ فورسز جي رهائش ۾ تبديل ٿي ويون، اها ڪهاڻي ملڪ جي هر هڪ شاگرد لاءِ اذيت ناڪ داستان آهي. تاريخي طور ماضي ۾ ايوانِ قائدِ اعظم، ايوانِ اقبال ۽ ڪي ٻيون هاسٽلون ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ تعمير ڪيون ويون هيون پر امن امان جي آڙ ۽ سيڪيورٽي جا سبب ڄاڻائي رينجرس کي سونپي شاگردن کي بيدخل ڪري انهيءَ سهولت کان محروم ڪيو ويو. هلندڙ وقت ۾ ڪراچي يونيورسٽي ۾ فقط ٻه هاسٽلون، هڪ ايوانِ لياقت شاگردياڻين لاءِ ۽ ٻي بين الاقوامي شاگردن لاءِ وڃي بچيون آهن.
ڪراچي يونيورسٽي جيئن ٻين يونيورسٽين جهڙوڪ اين اِي ڊِي (NED) يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جون هاسٽلون پڻ ساڳين سببن هيٺ ساڳي ريت شاگردن کان کسي کين بنيادي سهولتن کان ڏهاڪن کان محروم ڪيو ويو آهي. ايتريقدر جو تاريخي ورثي جيتري اهميت رکندڙ سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي ۽ تاريخي جامعه مِليه ڪاليج جي هاسٽلن کي شاگردن لاءِ ته ٺهيو پر تاريخي ورثي طور به محفوظ ڪرڻ ۾ رياست ناڪام رهي آهي. اهڙي قسم جي رويي جو هڪ ئي سبب ٿي سگهي ٿو ته رياست تاريخي سچاين ۽ حقيقتن جي حوالي سان غيرسنجيده آهي. ان جو جيئرو مثال رياست پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي ڏنل فيصلي جي بجاآوري نه ڪرائي سگهڻ آهي. انهيءَ فيصلي تحت رينجرس کي حيدرآباد جي تاريخي نور محمد هاءِ اسڪول جي مخدوم بلاول هاسٽل کي فيصلي جي ٽِن مهينن اندر يعني مارچ 2022 ۾ خالي ڪرائڻو هو پر اهو اڃا توڻي قبضو خالي نه ڪرايو ويو آهي. ساڳي طرح دائود انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڪاليج جي شاگردن لاءِ پاڪستان چوڪ (پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ وارو نالو) وٽ شيوا ڪنج هاسٽل، ڊي جي سائنس ڪاليج جي ڀر ۾ اتي جي شاگردن لاءِ ميٺا رام هاسٽل، جيڪا 1937ع ۾ تعمير ٿي، 1992 کان رينجرس جي ناجائز قبضي ۾ رهڻ کان پوءِ آخرڪار حڪومتي اعلان تحت اڄڪلهه سب جيل طور استعمال ٿي رهي آهي، ان کان علاوه ايس ايم لا ڪاليج جي شاگردن لاءِ ضياءُ الدين روڊ تي ڪاليج کان سڏ پنڌ تي واقع جناح ڪورٽس، جنهن جو اصلي نالو ليسلِي وِلس هاسٽل هو ۽ ڪنڊياري ۾ واقع پيتامبر هاسٽل (جنهن کي سنڌ ۾ لائبريرين جي کوٽ واري معاملي تي پبلڪ لائبريري طور استعمال ڪرڻ جي رٿ پڻ پيش ٿي هئي پر اها پيتامبر پبلڪ لائبرري بڻجي نه سگهي) تاريخي اهميت جون حامل آهن. تقريبن انهن هاسٽلن جي اڪثريت ڏهاڪو سالن کان قانون لاڳو ڪندڙن ۽ رينجرس جي قبضي هيٺ آهي ۽ ڪجهه هاسٽلون وري انتظامي لاپرواهي سبب غيرفعال بڻجي شاگردن جي استعمال هيٺ نه رهيون آهن. ظلم ته اهو آهي جو ڪورٽ جي حڪمن جي باوجود به حڪومت انهن هاسٽل جا قبضا نه ڇڏائي سگهي.موجوده دور ۾ حالت وڃي اها بيٺي آهي ته ادارا ته آهن پر هاسٽلون ۽ هاسٽل ڪلچر ناياب ٿي چڪو آهي. ان جي جڳهه تي پرائيويٽ هاسٽلون ڳرين مارڪيٽي قيمتن تي رهائش ڏيئي رهيون آهن. هاسٽل ٺاهي مسواڙ تي ڏيڻ پاڪستان ۾ ڪمائي جي هڪ وڏي منافعي بخش انڊسٽري بڻجي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته شاگرد سرڪاري سطح تي اهڙي قسم جي رهائش کان محروم آهن. سوال هي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اِي سي) جي هاسٽل جهڙي بنيادي گهرج کي لازمي قرار ڏيڻ لاءِ ڪابه جوڳي پاليسي ڇو نه پئي جوڙي؟ الميو اهو آهي ته تعليمي ادارا حقيقي تاريخ بچائڻ ۾ ته ڪو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجين زمينن ۽ هاسٽلن تان ناجائز والار ۽ قبضن خلاف ته ڪا حڪمتِ عملي جوڙين. حيرت جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون ته جام ٺهي چڪيون آهن پر انهن سان اتي داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ هاسٽلن جي تعمير ترجيحن ۾ شامل نه ٿي سگهي آهي. ڌنڌلي ٿيندڙ هاسٽل ڪلچر جو ته افسوس آهي ئي پر گهڻو ڏک ان ڳالهه جو به آهي ته هڪ منظم منصوبي تحت هاسٽل ڪلچر کي تعليم مان نيڪالي ڏني پئي وڃي ته جيئن شاگردن جو ايڪو بحال نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو نوَن تعليمي ادارن ۾ هاسٽلن جا تصور ئي ختم ٿيندا پيا وڃن. نتيجي طور اها رِٿ مارڪيٽ جو وکر بڻجي خانگي هاسٽلن جي صورتن ۾ وڪامي رهي آهي، جيتي ڳاٽي ٽوڙ فيون اوڳاڙيون وڃن ٿيون. پڙهائي کان وڌيڪ رهائش جي ڳڻتي شاگرد کان تنقيدي شعور، تخليقي قوت ۽ علمي جوهر کسي رهي آهي. اهو مسئلو صرف اڳ ۾ موجود هاسٽلن تان قبضا ختم ڪرائڻ ۽ گهرج آهر نئين هاسٽلن جي تعمير سان حل ڪري سگهجي ٿو.
