ٺٽو:  وڏيري محمد عرس جو نوجوان پوٽو مليريا وبا سبب فوت

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) ٺٽي جي گندرا برادري جي معزز وڏيرو محمد عرس گندرو جو نوجوان پوٽو اويس ولد لونگ گندرو مليريا سبب سول اسپتال مڪلي ۾ فوت ٿي ويو،

 جنھن جو جنازو ٺٽو باء پاس لڳ ڳوٺ وڏيرو محمد عرس گندرو ۾ گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. کيس مڪلي جي قبرستان شيخ عالي ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو،

سندس جنازي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شھرين ۽ ڳوٺاڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سندس تڏو ڳوٺ وڏيرو محمد عرس گندرو ۾ وڇايو ويو آھي، جتي وڏيرو محمد عرس گندرو ۽ ٻين سان تعزيتن جو سلسلو جاري آھي.

اپريل 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو