سيوھڻ ۾ فلٽر پلانٽس جو دورو سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ کاتي کي ڇو نه ڪرايو ويو: شھري
سيوهڻ شريف (رپورٽر) سيوھڻ شھر ۾ ٻه يا ٽہ ڏينھن پھريان پبلڪ ھيلٿ کاتي ضلعي ڄامشورو جي آفيسرن سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سھيل احمد کي سيوھڻ شھر جي مين واٽر سپلاءِ اسڪيم تي لڳل فلٽر پلانٽ جي وزٽ ڪرائي ھئي، پر افسوس ته سيوھڻ شھر ۾ جيڪي ٻيا فلٽر پلانٽ لڳل آھن،
انھن جي پبلڪ ھيلٿ کاتي ڄامشورو جي آفيسرن وزٽ ڇو نه ڪرائي؟ ڇاجي ڪري جو کوسه محله جو فلٽر پلانٽ ڪيترن سالن کان بند پيل آھي، ذريعن کان اھيو بہ معلوم ٿيو آھي، تہ کوسه محله جو فلٽر پلانٽ ڪاغذن ۾ ھلندڙ آھي،
جڏھن ته ضلعي ڄامشورو جي پبلڪ هيلٿ انجنيئر وحيد علي ارباب جنھن ڪجھ ڏينھن پھريان چارج ورتي آھي، پر ايس ڊي او پبلڪ ھيلٿ سيوھڻ آپريشن ۽ مينٽيننس عارف شيخ جنھن کي ڪيترو عرصو ٿي ويو آھي، سيوھڻ تعلقي ۾ ڊيوٽي ڪندي، ان جي نااهلي سبب تعلقي سيوهڻ جا ڪيترائي آر او، فلٽر پلانٽ بند پيل آھن، پر سيوھڻ شھر جي کوسه محله جو فلٽر پلانٽ ڪيتري وقت کان بند پيل آھي،
سيوھڻ شھر جا رھواسي صاف پاڻي لاء سخت پريشان آھن، آر او فلٽر پلانٽ جي جيڪا ٽه ماھي رقم مينٽيننس جي لاء اچي ٿي، اھا رقم ڪروڙين روپين ۾ آھي ، جيڪا ايس ڊي او عارف شيخ ۽ ان جا ساٿي هڙپ ڪري رھيا آھن ، عارف شيخ جيڪو ڪک پتي به نه ھئو،
اھو ھاڻي ارب پتي ٿي ويو آھي، ايس ڊي او عارف شيخ جڏھن کان سيوھڻ تعلقه ۾ مقرر ٿيو آھي، تڏھن کان وٺي سيوھڻ تعلقي جا آر او ۽ فلٽر پلانٽ خراب نظر اچي رھيا آھن، جڏھن ته ڪجھ آر او ۽ فلٽر پلانٽ جيڪي بااثر ماڻھن جي ڳوٺن ۾ لڳل آھن، اھي ھلي رھيا آھن ،
باقي جيڪي آر او پلانٽ يا فلٽر پلانٽ غريب بي پھچ ڳوٺن ۾ لڳل آھن، اھي بند نظر اچي رھيا آھن، جڏھن ته اھي آر او پلانٽ يا فلٽر پلانٽ ڪاغذن ۾ ھلندڙ ھوندا ، ذريعن کان اھيو بہ معلوم ٿيو آھي تہ انھن آر او ۽ فلٽر پلانٽن تي ڪچا ملازم به رکيل آھن،
اھي ملازم پگھارون به کڻي رھيا آھن،ان جي لاء سيوھڻ شھر جي سڄاڻ ڌرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ، چيف سيڪريٽري سنڌ ، سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ کاتو سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ، ته سيوھڻ تعلقي جي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ايس ڊي او عارف شيخ جي خلاف انڪوائري ڪرائي وڃي، جيترو وقت ھن سيوھڻ تعلقي ۾ ڊيوٽي ڪئي آھي ،
ان ڊيوٽي دوران جيڪا به بجيٽ آر او پلانٽ ۽ فلٽر پلانٽ جي مرمت جي لاء آيل آھي، جيڪا ڪروڙين روپين جي بجيٽ آھي، ان جي جانچ ڪرائي، ان جي خلاف قانوني قدم کنيو وڃي.
اپريل 28, 2024