سڪرنڊ  يوسي مجيد ڪيريو جي آبادگارن پاران باردانو نه ملڻ خلاف مظاھرو

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪماراوڏ )يونين ڪائونسل مجيد ڪيريو جي ديھ 6 ماروي ۽ ديھ 17 فريد ڪيريو جي ننڍن آبادگارن سرڪاري اگھ تي ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ ۽ کين باردانو نه ملڻ خلاف آبادگار اڳواڻن راجا ارشاد ڪيريو ،

عمران ڪيريو ، وريام خان پاهي ، نظر محمد گهمڻ ، پرويز چانڊيو . پير بخش ڪيريو ۽ ٻين پنهنجن مطالبن جي مڃتا لا ءِ پاسڪو سينٽر سڪرنڊ جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي مظاهرو ڪري خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف نعري بازي ڪئي

 ان موقعي تي مٿين اڳواڻن الڳ الڳ ڳالھائيندي چيو ته گذريل هڪ هفتي کان لڳ ڀڳ 150 ڪلاڪن کان مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر افسوس جو ڪو داد ڪرڻ وارو ناهي نڪو ڪا دانهن ٻڌي ٿي وڃي

 انتها ته اها آهي جو ستن ڏينهن ۾ اسان وٽ ڪو خوراڪ کاتي جو عملدار يا وري ڪو انتظاميه مان لڙي به نه آيو آهي ھنن چيو ته اسان مجبور ٿي ڪري مجيد ڪيريو گدامن آڏو چار ڏينهن ڌرڻي کانپوءِ ٽن ڏينهن کان پاسڪو سينٽر تي به ڌرڻو ھنيو آھي

ھنن چيو ته جيڪڏھن اسان جا مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته سڪرنڊ شهر واري خوارڪ کاتي جي گدامن آڏو به ڌرڻو ھڻنداسين احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ راجا ارشاد ڪيريو اهو به ٻڌايو ته گزريل ڏينهن ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهريار گل ميمڻ اسان کي گهرائي ٻن ڏينهن ۾ مسئلي جو حل ڪڍڻ جي يقين دهاني ڪرائي آهي

جنهن جي انتظار ۾ آهيون پر ڌرڻو جاري رهندو ھنن وزيراعظم پاڪستان ، صدر پاڪستان ۽ وزيراعليٰ سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اسان جو جائز مطالبو مڃي اسان کي نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اپريل 28, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو