”مونکي به وائرل ٿيڻو آهي“ جويريا سعود به مريم نواز جي نقل ڪرڻ لڳي

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا جويريا سعود طرفان پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز جي يونيفارم ۾ اسٽائل کي ڪاپي ڪرڻ واريون تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن.
مريم نواز جي ڪجهه ڏينهن پهريان لاهور ۾ ليڊي پوليس ڪانسٽيبلز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب ۾ يونيفارم پاتل تصويرون وائرل ٿيون هيون.
وزير اعليٰ جي تصويرن بعد جويريا سعود به هن جي اسٽائل ۾ پنهنجون تصويرون شيئر ڪندي مشهور ٿيڻ جو خواهش به ظاهر ڪئي.
جويريا سعود انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي لکيو ته مونکي به وائرل ٿيڻو آهي، انڪري وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪندي هڪ ڏينهن ماڊل بڻجي ويندس.

اپريل 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو