مودي ’هندوتوا‘ جي نظريي کي ڀارتي سياست جو محور بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو!
نثار لغاري
ٿيڻ کان ڊڄندا هئا. اسان کين متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھيا سين.آر ايس ايس جو بنياد 1925 ۾ پيو. پنھنجي جاري ڪيل پروگرام موجب هن تنظيم جو مقصد هندن کي مضبوط ڪرڻ هيو.آر ايس ايس موجب ڀارتي تهذيب ۽ هندومت کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي، پر ان جي ناقدن جو چوڻ آهي ته آر ايس ايس جو نظريو هندو بالادستي ۽ برتري تي ٻڌل آهي.اڄ آر ايس ايس جا ڪيترائي ننڍا گروپ ٺهي چڪا آهن.ان جي نيٽ ورڪ ۾ شاگرد ۽ هاري يونينون شامل آهن. ان سان گڏ ڪيترائي خانگي گروپ به ان نيٽ ورڪ جو حصو آهن، جن تي پرتشدد واقعن ۾ ملوث هجڻ جا الزام لڳا آهن، ڇو ته هن نيٽ ورڪ کي سياسي پٺڀرائي ۽ قائم رھڻ جو جواز بي جي پي وٽان ملي ٿو، جيڪا پاڻ آر ايس ايس جي فڪري پيداوار آهي.
ساڄي ڌُر جي هندو قومپرست پارٽين تي تحقيق ڪندڙ، ڪرسٽوفر جيفرلوٽ موجب مودي کان اڳ بي جي پي کي ڀارتي پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل نه هئي، پر ھاڻ بي جي پي اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي. اھا ڳالھ آر ايس ايس لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي.هن سال جنوري ۾ مودي بابري مسجد جي جاءِ تي ’رام مندر‘ جو افتتاح ڪيو آھي، اھو پڻ آر ايس ايس ۽ ڪروڙين هندن جو هڪ پراڻو خواب هيو.
هندستان هن دفعي ساجي ڌر جي هن وڏي غلبي مان نڪري اچي اهو هڪ وڏي حاصلات هوندي ٻي صورت ۾ ھي سمورو خطو وري مسلسل جنگي ڇڪتاڻ جي ور چڙھيل هوندو ايندڙ دور وڌيڪ ڏکيو هوندو.
اپريل 27, 2024