مڙس کي گهر جي صفائي ڪندي ڏسي خوش ٿيندي آهيان:صنم جنگ

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) معروف اداڪارا ۽ ميزبان صنم جنگ چيو آهي ته مڙس کي گهر ۾ صفائي ڪندي ڏسي مزو ايندو آهي.هڪ انٽرويو ۾ اداڪارا جو چوڻ هو ته هونئن ته محبت جو اظهار ڪيترن ئي طريقن سان ڪري سگهجي ٿو، ۽ منهنجي محبت جي تعريف منهنجي مڙس لاءِ مختلف آهي.ميزبان صنم چيو ته جڏهن منهنجو مڙس گهر جي صفائي ڪندو آهي ته ان محل خوش ٿيندي آهيان.واضح رهي ته صنم جنگ جي شادي کانپوءِ گذريل سال جولائي ۾ پنهنجي مڙس قسام جعفري ۽ پٽ سميت آمريڪا شفٽ ٿي وئي هئي.

اپريل 27, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو