سيوھڻ: پورهيت سان پوليس جي بدتميزي جو نوٽيس ايس ايس پي پاران ورتو ويو
سيوهڻ شريف ( رپوٽ محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ شريف ويجهو آمري پل ڀرسان موٽرسائيڪل سوار پورهيت سان پوليس پاران بدتميزي ناجائزي جي واقعي جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز صاحب پاران ايس ايڇ او آمري الاهي بخش سيال کي معطل ڪري ڄامشورو پوليس لائين رپورٽ ڪرڻ جون حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي،
جڏهن ته اهڙي واقعي جي انڪوائري ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو کي ڏني وئي آهي، جيڪو واقعي جي جاچ ڪري ايس ايس پي ڄامشورو کي پيش ڪندو ، جنھن کانپوء وڌيڪ ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو .
اپريل 25, 2024