سوڀوديرو واسي نوجوان ۽ سڳيون واسي ناري پسند جي شادي ڪري ڇڏي
ٺاروشاھ (رپورٽ: اسد سولنگي) سوڀوديرو واسي نوجوان ۽ سڳيون جي رهواسڻ نوجوان ناري نوشھرو فيروز جي ڪورٽ ۾ پسند ڪري ڇڏيو نو جوان ناري پنهنجي عزيزن خلاف دانهيندي چيو ته مون کي ۽ مهنجي مڙس کي جان جو خطرو آهي تحفظ ڏئي حياتون بچايون وڃن
پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان محمد مٺل چنا ولد محمد موسئ سڳيون شهر جي رهواسڻ مسمات ميران ولد لکمير ورياھ ميڊيا کي دانهيندي چيو ته مون مٺل چنا سان نوشھرو فيروز جي ڪورٽ ۾ پيار پرڻو ڪيو جنهن تان منهنجا عزيز وليداد خلفو۔ روشن خليفو۔بهاول ورياھ۔شھمير ورياھ ۽ ان جا پٽ اسان جي جان جا ويري بڻنجي ويا آھن
جيڪي اسان کي جان کا مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن ۽ منهنجي مڙس ۽ ان جي مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرڻ چاهين ٿا هن آئي جي سنڌ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد ايس ايس پي نوشهرو فيروز ۽ٻين وس وارن کا مطالبو ڪندي چيو ته تحفظ ڏي حياتيون بچايو وڃن.
اپريل 25, 2024