ميھڙ ۾ شھرين پاران ڦورو گرفتار نھ ٿيڻ خلاف احتجاج
ميھڙ (رپورٽر) ڦر جا جوابدار گرفتار ڪريو ، ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪيو ، ميھڙ ۾ شھرين پاران احتجاج، 2 ڏينھن اڳ ميھڙ فريدآباد روڊ تي ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء آصف رضا پنھور ، ياسين پنھور ، اشرف پنھور ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي ڦر واقعي خلاف احتجاج ڪيو
ان موقعي تي ھنن چيو ته ميھڙ ۾ بدامني وڌي وئي آھي ٽن ھٿياربندن 2 ڏينھن اڳ ميھڙ فريدآباد روڊ تي ڏينھن ڏٺي جو سرعام روڊ بلاڪ ڪري اسان کان موٽر سائيڪل ، روڪ رقم ، موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا پر ھن وقت تائين فريدآباد پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي ناھي ڪئي ھنن چيو ته ڦر دوران اسان ھڪ جوابدار صديق پنھور کي سڃاتو آھي جيڪو عادي ڏوھاري آھي
ھنن چيو ته ڦر واقعي کي 2 ڏينھن ٿيا آھن پر فريدآباد پوليس ھن وقت تائين ڦر ٿيل موبائل فونن جي ٽريسنگ بہ ناھن ڪرايون فريدآباد پوليس جي نااهلي سبب ميھڙ فريدآباد روڊ تي شھري ڦرجي رھيا آھن
پر پوليس ڪو بہ تحرڪ نہ پئي وٺي ھنن گھر ڪئي آھي ته 2 ڏينھن اڳ فريدآباد روڊ تي آصف پنھور ۽ سندس چاچي ياسين پنھور کان ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
اپريل 24, 2024