بشريٰ بي بي کي شهيد ڪيو ويو: پي ٽي آءِ جي پروپيگنڊا

Spread the love

لاھور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن افواھ ھلائي آھي ته بشريٰ بي بي کي شھيد ڪيو ويو آھي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پي ٽي آءِ جي انڌي تقليد ڪندي مختلف حربا استعمال ڪندي بيانيو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته پي ٽي آءِ سان ناانصافي ، ظلم ۽ ڏاڍ ٿيو آھي.

پر بشرا بي بي جي واقعي ۾ ڄاڻ ملي آھي ته کيس دل ۾ ساڙو ٿيو جيڪو اڪثر دل ۾ تڪليف وارن ماڻھن کي ٿيندو آھي، ان باوجود کيس وي آءِ پي علاج مليو. بني گالا ۾ ٽن ڊاڪٽرياڻي جي ٽيم آئي جن کيس رليف ڏياريو ۽ سندس سار سنڀال لاءِ رات تائين ساڻس گڏ رھيون. اھڙو سلوڪ پاڪستان ۾ ڪنھن به عام شھري سان ناھي ٿيندو.

اھڙي ريت عمران خان کي به جيل ۾ عام قيدين جي ڀيٽ ۾ سهولتون فراھم ڪيون ويون آھن.

اپريل 24, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو