رسول آباد: سڳيون ۾ فوڊ سينٽر تي فوڊ انسپيڪٽر آبادگارن ڪنگال ڪرڻ ۾ پورو

Spread the love

رسول آباد ( رپورٽ: حب علي جهانگر) هنڱورجا لڳ سڳيون ۾ فوڊ سينٽر تي فوڊ انسپيڪٽر نثار مھر مقرر ڪري سڳيون ۽ آس پاس جي آبادگارن کي انهيءَ راشي ڪرپٽ آفيسر نثار مھر هٿان ڪنگال ڪيو پيو وڃي،

سڳيون ۾ فوڊ سينٽر تي فوڊ انسپيڪٽر نثار احمد مھر مقرر ٿيڻ باوجود فوڊ سينٽر تي ويهڻ بدران پنهنجي ايجنٽن معرفت دڪاندارن ۽ واپارين کي ٻاھر ھوٽلن تي ويهي باردانو وڪرو ڪرڻ لڳو، موسميات کاتي طرفان برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي

آهي پاسڪو ۽ فوڊ انتظاميه باردانو آبادگارن کي ڏيڻ بدران پنهنجي ايجنٽن معرفت دڪاندارن ۽ واپارين ۽ سياسي ماڻهن کي وڪرو ڪري رهيا آهن

جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان جو  آهي ان سلسلي ۾ سرائي لعل بخش سيال، فيض محمد سيال غلام قادر بروهي رحمان ڀاڳت اياز چنا  ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سڳيون جي فوڊ سينٽر تي فوڊ انسپيڪٽر نثار احمد مھر کي مقرر ڪري رشوت جي بازار گرم ڪئي وئي آهي جيڪو باردانو آبادگارن کي ڏيڻ بدران رات جي اونداهيءَ ۾ واپارين کي وڪرو ڪري آبادگارن جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي

هنن زراعت کاتي جي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوڊ انسپيڪٽر نثار احمد مھر جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي نثار احمد مھر خلاف ڪارروائي ڪري ميرٽ تي آبادگارن کي باردانو ڏئي نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اپريل 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو