سڪرنڊ: ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد جي صدارت ھيٺ  اجلاس

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر شھيد بينظيرآباد محمد يوسف مجيداڻو جي صدارت ھيٺ ٽرانسجينڊرن  جي رجسٽريشن جي حوالي سان ھڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف مجيداڻو چيو ته ٽرانسجينڊر پڻ اسان جي معاشري جو حصو آھن

جنھن جي فلاح، بهبود ۽ سندن رجسٽريشن لاءِ حڪومت پاران قدم کنيا ويا آھن جنھن مان ٽئين جنس وارن کي ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي ھن وڌيڪ چيو ته پھرين مرحلي ۾ ٽرانسجينڊر بغير ڪنھن خوف جي نادرا مان پنھنجا شناختي ڪارڊ ٺھرائين جنھن بعد سندن ووٽ رجسٽرڊ ڪيو ويندو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبي ۾ ٽرانسجينڊرن کي ڪائونسلر جي سيٽ ڏني وئي آهي

 جنھن جو مقصد انھن کي اڳتي اچڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آھي ھن ٽرانسجينڊر جي سيٽ تي چونڊيل ڪائونسلر ڪاشف کي چيو ته ھو ضلع ۾ موجود ٽرانسجينڊرن جي رجسٽريشن لاءِ اڳتي اچي ۽ کين سندن حقن بابت آگاھي فراھم ڪري تہ جئين انھن جا قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائي سندن حق ڏيارڻ ۾ مدد فراھم ڪري سگھجي

 اجلاس ۾ نادرا، سوشل ويلفيئر کاتي جي عملدارن پاران ٽرانسجينڊرن جي رجسٽريشن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس ۾ فوڪل پرسن نادرا عبدالرزاق، فوڪل پرسن سوشل ويلفيئر آصف علي، ٽرانسجينڊر ڪاشف علي، اين ڊي ايف جي فوڪل پرسن طارق حسين ۽ اليڪشن ڪميشن جي مسرور ميمڻ شرڪت ڪئي.

اپريل 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو