پاڪستان جي آءِ ٽي برآمدن ۾ 339 ملين ڊالرن جي رڪارڊ واڌ

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي آءِ ٽي برآمدن ۾ 339 ملين ڊالرن جي رڪارڊ واڌ ٿي آهي.
آءِ ٽي واري وزارت موجب جولاءِ 2023 کان مارچ 2024 تائين آءِ ٽي برآمدون 2 ارب 28 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي ويون.
وزارت ٻڌايو ته پاڪستان جي آءِ ٽي برآمدن ۾ 17.44 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل سال ان ئي عرصي ۾ آءِ ٽي برآمدون هڪ ارب 94 ڪروڙ ڊالر هيون.
آءِ ٽي واري وزارت موجب مارچ 2024 دوران آءِ ٽي برآمدن ۾ 306 ملين ڊالرن جي واڌ ٿي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ان ئي مهيني ۾ 36 سيڪڙو واڌ آهي، مارچ 2023 ۾ آءِ ٽي برآمدن ۾ 225 ملين آمريڪي آمريڪي ڊالرن جي واڌ ٿي هئي.
وزارت جو چوڻ آهي ته فيبروري 2024 دوران آءِ ٽي برآمدون 19 سيڪڙو وڌيون.

اپريل 23, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو