بااثرن کان تحفظ فراھم ڪرڻ سميت انصاف ڪيو وڃي: دادن علي لغاري
راڻي پور(رپورٽ: سعيداحمدسھتو )بااثر وڏيري اسان جي گھر تي حملو ڪرائي پٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ گھر ڀاتين کي مارڪٽ ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو آهي منھنجو پيءُ گذريل ٽن ڏينهن کان لاپتا آھي منھنجي پيءُ ۽ خاندان وارن جي زندگي کي خطرو آهي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي.
دادن علي لغاري خبر موجب ڏهرڪي سان تعلق رکندڙ دادن علي لغاري پنھنجي گھرواري ماجده لغاري سان گڏ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان پنھنجي مرضي سان صادق آباد جي عدالت سڳوري ۾ شريعت مطابق نڪاح ڪيو آهي
اسان جي ٻنھي خاندانن ۾ رشتيداري جو گھرو تعلق پڻ آھي اسان جي شادي کان پوءِ ڳوٺ جو وڏيرو صلاح الدين لغاري اسان ٻنھي جي قتل جي فتوا ٻڌائي ڇڏي آهي افضل،اجمل،اڪمل،سلطان،جاويد،ساجد،واجد،صفر،عثمان،انور،اڪبر،خدابخش ۽ راشد سميت ٻين مان اسان کي خطرو آهي
ھن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته بااثر وڏيري اسان جي گھر تي حملو ڪرائي گھر پٽ ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ اسان جي خاندان جي ماڻهن کي مارڪٽ ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو آهي منھنجو پيءُ عبدالعزيز لغاري گذريل ٽن ڏينهن کان لاپتا آھي جنھن جو ڪو ڏس پتو نه ملي اسان کي شڪ آھي ته ڄاڻايل ماڻھن ان کي اغوا ڪيو آهي
سندس زندگي کي خطرو آهي پوليس پڻ بااثر وڏيري سان ٻٽ بڻيل آهي جنھن سرپرستي ۾ اسان جي خاندان کي جاني ۽ مالي نقصان پھچايو پيو وڃي بااثرن جي خوف کان دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور آھيون وس وارن ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته تحفظ ڏيڻ سان گڏوگڏ انصاف ڪيو وڃي.
اپريل 23, 2024