باردانو واپارين کي ناهي ڏنو نه ئي پيسن تي وڪرو ڪيو آهي: فوڊ انسپيڪٽر
راڻيپور (رپوٽ: سعيداحمدسھتو) فوڊ انسپيڪٽر فقير پيربخش جوڻو جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي خريداري بهتر نموني هلي آهي آبادگارن کي باردانو بنا فرق جي فراهم ڪري رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته بارداني واپارين کي ناهي ڏنو نه ئي ٻارانو پيسن تي وڪرو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هر سال آبادگارن جو تعاون هوندو آهي جيڪو پورو ڪيو ويندو آهي هن سال به آبادگارن سٺي نموني تعاون ڪري رهيا آهن ۽ آبادگارن باردانو کڻي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ھن سال سنڌ حڪومت خريداري جو ٽارگيٽ گھٽ ڪيو آھي ان ڪري ٿوري پرشاني ٿي رھي
ان جو وڌيڪ چوڻ ھوته باردانو اچڻ وارو آهي جيڪو سڀني جي سامهون آبادگارن ۾ ورهايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته برساتن ۾ ڪڻڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ بهترين اقدامات کنيا آهن ڪڻڪ محفوظ هنڌ تي رکي وئي ته جئين برسات م خراب نه ٿي سگهي.
اپريل 20, 2024