سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون
سکر (رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جون ساليانيون چونڊون قربان ملاڻو جو حمايت يافته پروگريسو لائيرز فورم جا سمورا اميدوار پنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا ائڊووڪيٽ سيد نويد شاه صدر ۽ ائڊووڪيٽ سندر خان چاچڙ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا وڪيل برادري طرفان اليڪشن کٽي آيل اميدوارن کي مبارڪباد پيش ڪئي
سکر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر جون ساليانيون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ سينيئر وڪيل ائڊووڪيٽ قربان علي ملاڻو طرفان پروگريسو لائيرز فورم ۽ ۽ سندن مقابلي ۾,سيد ظفر علي شاه ۽ غلام مصطفي ڀنڀيرو جو پينل مد مقابل هئا
اڄ رٿيل اليڪشن واري ڏھاڙي تي سيد ظفر علي شاه جي پينل جي سمورن اميدوارن پروگريسو لائيرز فورم جي اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻي ڇڏيو جنهن بعد مقرر اليڪشن ڪميشن طرفان پروگريسو لائيرز فورم جي اميدوارن کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو
ڪاميابي حاصل ڪندڙن ۾ سيد نويد علي شاه بار جو صدر ۽ سندر خان چاچڙ جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويا جڏھن ته نائب صدر امام بخش مهر , جوائنٽ فيصل شمس شيخ , لائريبري سيڪريٽري شهباز حفيظ شاهاڻي , خزانچي اياز علي شيخ ۽ ميمبر مينيجمنٽ ڪاميٽي ۾ آصف جوڻيجو , اعجاز نائچ , سعيد قريشي , دانش عثمان غني , محمد دائود چوهاڻ , نويد قمر , وليد رشيد شيخ ڪامياب ٿي ويا
اليڪشن کٽي آيل عهديدارن کي ڪامياب ٿيڻ تي وڪيل برادريء طرفان کين گلن جا هار پارائي مبارڪباد ڌني وئي.
اپريل 20, 2024