پاڪستان ۾ صحافين، فنڪارن ۽ اديبن جو ڪو بھ قدر نٿو ڪيو وڃي: سيد رجب علي شاھ

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) آپڪا ڪلچرل اينڊ آرٽسٽ ونگ پاڪستان جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد رجب علي شاھ ٺٽي جي تنظيمي دوري تي ٺٽي پھتو تہ سندس ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي فنڪارن، راڳين، شاعرن صحافين توڙي سگھڙن پاران شاندار استقبال ڪندي مٿس گلن جي ورڪا ڪري کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا،

ان موقعي تي ايپڪا ڪلچرل ونگ پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري سيد رجب علي شاھ چيو تہ مون تازو ٺٽي جي بيمار فنڪار ۽ اداڪار سيد سليم شاھ کي ثقافت کاتي پاران سندس مالي سھائتا لاءِ ھڪ لک روپين جو چيڪ مالي مدد طور ڏياريو آھي، ھن چيو تہ صحافي، فنڪار، شاعر، اداڪار ۽ مصور سماج توڙي قوم جا ھيرا ھوندا آھن

 پر افسوس جو پاڪستان ۾ صحافين، فنڪار ۽ اديبن جو ڪو بہ قدر نٿو ڪيو وڃي، پر آئون ضلعي ٺٽي توڙي سجاول جي صحافين سميت ساري سنڌ جي قلمڪارن، شاعرن ۽ صحافين جي وارثي ڪندي ايپڪا ڪلچرل آرٽسٽ ونگ پاڪستان پاران کين صرف سندن حق نہ پر کين عزت مان مرتبو بہ ڏياريندس.

اپريل 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو