ٺاروشاھ ۾ المدد دڪاندار ايسوسي ايشن پاران بد امني خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

نوشهروفيروز (رپورٽ: محمد عادل عباسي ) ٺاروشاھ ۾ المدد دڪاندار ايسوسي ايشن طرفان شهر ۾  وڌندڙ بد امني خلاف ٺاروشاھ ٿاڻي آڏو مير خان بالادي مولانا عبدالرحيم ڏهراج  سهيل سومرو متل ڪلهوڙو ۽ شاهد ڏاهري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو

ڪري  روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جتي اڳواڻڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏيڍ مهينو اڳ درٻيلو روڊ تان سهيل سومرو جي سپر اسٽو ر مان 30 لک رپين  جي چوري ٿي جنهن جا جوابدار هن وقت تائين ايس ايڇ او ٺاروشاھ رفيق ٻوهيو گرفتار نه ڪري سگهيو آهي

ايس ايڇ او ٺاروشاھ رفيق ٻوهيو چورن سان مليل آهي ايس ايڇ او جي تعناتي کان پوء ٺاروشاھ شهر ۽ ڀر پاسي ۾ چوريون  ڦرون ڌاڙا معمول بڻجي ويو آهي جنهن جي ڀرپور مزمت ڪيون ٿا

جڏهن ته احتجاج ڪندڙن سان ڊي ايس پي ڀريا فهد ارشد ڳالهيون ڪرڻ لاء ڌرڻي ۾ پهتو دڪاندارن جي مطالبي تي ايس ايڇ او ٺاروشاھ رفيق ٻوهيو کي هٽائڻ ۽ 30 لک رپين جي چوري ٿيل جي نئين جانچ ڪميٽي ٺاهڻ جي يقين ڌياني ڏياري جنهن تي دڪاندارن طرفان ٽن ڏينهن لاء احتجاجي مظاهرو ختم ڪيو.

اپريل 19, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو