ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي جي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ :ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي يونيورسٽي جي سينٽر آف ايڪسيلينس ميرين بائلاجي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن گذريل ٽن مهينن کان پگهار جاري نه ٿيڻ ۽ ٽن ورهين کان ميڊيڪل الائونس، هائوس سيلنگ ۽ ٻيون سهولتون نه هجڻ تي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو،

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن آفيسرس ايسوسيئيشن جي صدر عارف ڀائي، جنرل سيڪريٽري فيصل هاشمي ۽ ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ڪيترائي ڀيرا يونيورسٽي انتظاميا کي پنهنجون شڪايتون ڪيون آهن

پر يونيورسٽي انتظاميا اسان جي سينٽر جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي بار سمجهي مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ پريشان ڪيو پيو وڃي.

 هنن مطالبو ڪيو ته ورهين کان پگهار جاري ڪرڻ سان گڏ ميڊيڪل الائونس، هائوس سيلنگ ۽ ٻيون سهولتون فوري طور تي ڏنيون وڃن. احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته فوري طور تي اسان جا مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اپريل 18, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو