اٽي جي مفت فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: شهباز شريف

Spread the love

سرگودها (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اٽي جي مفت ورهاست ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان المباڪ جي ڀلاري مهيني ۾ مفت اٽو ورهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف سرگودها ۾ اٽي واري مرڪز جو اوچتو دورو ڪيو جتي هن اٽي جي مفت فراهمي جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ شهرين جون پريشانيون به ٻڌيون. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عوام جي خدمت منهنجو مشن آهي. اٽي جي فراهمي کي پاڻ چيڪ ڪري رهيو آهيان. پنجاب جو وڏو وزير ۽ سندس ٽيم سٺو ڪم ڪري رهي آهي. اها خدمت نه پر عبادت آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عوام جي دعائن سان ملڪ معاشي پريشانين مان نڪري اڳيان وڌندو. مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رمضان ۾ عوام کي مفت اٽو ڏنو پيو وڃي. هر خاندان کي 10 ڪلو جا 3 ٿيلها ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته قطارون ختم ڪري عوام کي وڏي تعداد ۾ اٽو فراهم ڪيو وڃي. دوري دوران وفاقي وزير مريم اورنگزيب به وزيراعظم سان گڏ هئي.

مارچ 26, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو