ڊپٽي ڪمشنر سکر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مينار روڊ تي واقع بوائز هاءِ اسڪول جو دورو
سکر (بيورو رپورٽ) ڊپٽي ڪمشنر سکر محمد بخش ڌاريجو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي ثوبيه فلڪ رائو پاران مينار روڊ تي واقع گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رحيمداد خان مولائي شيدائي سکر جو دورو ڪيو،
جنهن دوران هنن اسڪول جي پرنسپال کي ٻارن جي تعليمي ڪارڪردگي بابت هدايت ڪئي وئي ته هو ٻارن جي والدين کي پابند ڪن ته هو ٻارن جي تعليم تي خاص ڌيان ڏين
۽ استاد ٻارن کي رٽه سسٽم بدران ٻي تعليم ۽ تربيت ڏين ته جيئن انهن ۾ خود اعتمادي وڌي ۽ انهن کي پنهنجي نصابي تعليم سان گڏ ٻين سائنسي علم جي به ڄاڻ حاصل ٿي سگهي۔
اپريل 17, 2024