ايس ايس پي سکر جي هدايت تي سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جي هدايت تي سکر ضلعي کي منشيات کان پاڪ بڻائڻ جي عزم تي عمل ڪندي سکر پوليس جو سماجي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي
پوليس ترجمان بخش بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب ايس ايڇ او پتڻي عبدالغفار ڦلپوٽو سي پيڪ انٽر چينج وٽ اسنيپ چيڪنگ دوران ڪار نمبر بي ٽي بي 068 کي روڪي تلاشي دوران 14 ڪارٽون 336 شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون،
جڏهن ته ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو گرفتار جوابدارن بين الصوبائي منشيات فروش محمد ساجد ۽ محمد ڪاشف کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪي شڪارپور کان ملتان تائين شراب سپلائي ڪرڻ لاء وڃي رهيا هئا.
اپريل 16, 2024