ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙَي جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

Spread the love

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻارڙَي جي بازيابي لاءِ وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، ڪنڌڪوٽ ۾ 3 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻارڙَي جي بازيابي لاءِ وارثن  ۽ شهرين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

6ورهين جي اياز خان پٺاڻ جي بازيابي لاءِ ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڌرڻي سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، مسافر توڙي ڊرائيور سخت پريشانين ۾ ورتل رهيا، مغوي جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو

مغوي جي وارثن چيو ته پوليس هن وقت تائين معصوم ٻارڙَي جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا،  نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

اپريل 16, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو