ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهه ۾ واڌ جو امڪان
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
پيٽروليم ڊويزن جي ذريعن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي پر پيٽروليم شين جي قيمتن بابت اڃا تائين اوگرا طرفان سمري ناهي آئي.
ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي ان حوالي سان سمري سامهون اچڻ بعد ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو ته پر عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو وزيراعظم جي مشاورت سان ناڻي واري وزارت ڪندي آهي.
