عيد الفطر کي ملهائڻ جو مذهبي طريقو اچو ته هيئن عيد ملهايون

Spread the love

 مختار علي ثقفي

هر قوم ۽ مذهب ۾ ڪجھه ڏينهن اهڙا هوندا آهن جيڪي خاص اهميت، رتبو ۽ مقام وارا هوندا آهن انهن ڏهاڙن ۾ خوشي ملهائي ويندي آهي، جشن ملهايو ويندو آهي، دوستن، عزيزن، رشيدارن وغيره ۾ گڏجاڻيون ٿينديون آهن، نوان نوان ڪپڙا ۽ نيون شيون پهريون وينديون آهن، وڏا ننڊن کي پيار ڪري خرچيون ڏيندا آهن، وڏڙا ۽ جوان هڪ ٻي سان ملڻ ويندا آهن ۽ سٺا طعام وغيره تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ اهڙن ڏهاڙن جي پنهنجي هڪ حيثيت هوندي آهي تنهنڪري ماڻھو پورو سال انهن جو انتظار ڪندا آهن. اهڙن ڏينھن کي مخلتف نالن جهڙوڪ “عيد”، “تهوار” يا اهڙن كن بين نالن سان ياد ڪيو ويندو آهي.دين اسلام ۾ به ڪجھه اهڙا ڏينهن آهن جن کي “عيد” ڪوٺيو ويو آهي. هاڻي انهن ڏينهن کي ڪيئن ملهايو وڃي؟ڇا ڪرڻ گهرجي ڇا نه ڪرڻ گهجي يا عيد ڪيئن ڪجي؟ اهي سوال آهن جن کي ديني اڳواڻن يعني نبين سڳورن، ۽ پاڻ سڳورن جي آل منجهان برحق معصوم ۽ پاڪ امامن بيان سهڻي نموني سان بيان فرمايو آهي تنھنڪري اچو ته ڏسون ته الله پاڪ ۽ سندن نبي سڳوري ۽ ان جي آل منجهان امامن ان ڏينھن بابت اسان کي ڪهڙي هدايت ڪئي آهي. سندن آسماني پيغام ڪهڙو آهي؟ هتي اسان آيت ۽ حديثن جي روشني جي روشني ۾ ان کي مختصر طور بيان ڪريو ٿا:

عيدالفطر جي معني

عيد جو لفظ، عود منجهان ورتو ويو آهي جنهن جي معني موٽڻ آهي اهو ئي سبب آهي جو قيامت جيڪو حساب ڪتاب جي لاءِ خدا جي بارگاه ۾ پيش ٿيڻ آهي کي معاد جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته رمضان جي مقدس مهيني ۾ رب پاڪ جي اطاعت سان يا حج جو عظيم فرض ادا ڪرڻ سان انسان پنهنجي روح جي پهرين فطري پاڪيزگي جي طرف واپس اچي ٿو ۽ فطرت جي خلاف ٿيندڙ نجاستن کي پنهنجي وجود کان صاف ۽ پاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پنهنجي اصلي خدائي فطرت يعني خدا جي ذات ۽ بارگاهه ڏانهن موٽي ٿو ته ان کي عيد چيو ويو آهي. اهڙي طرح سان لفظ ”فطر“ جي معنيٰ ڪنهن شيء کي لمبائي ۽ ڊيگھ ۾ ڪٽڻ يا جدا ڪرڻ آهي ان ئي نسبت سان بعد ۾ لفظ فطر، پيدا ڪرڻ ۽ ايجاد ڪرڻ ۽ بڻائڻ جي معني ۾ استعمال ٿيو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته شوال جي مهيني جي چنڊ ڏسڻ سان رمضان المبارک جي مهيني ۾ ڏينهن جو لائڻ پيڻ وغيره بنده هيو هاڻي ان حالت کي ٽوڙي ۽ ختم ڪري پهرئين کائڻ پيڻ واري حالت کي ايجاد ڪيو وڃي ٿو ان ڪري هن ڏينهن کي ”عيدالفطر“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

قرآن مجيد ۾ عيد جو ذڪر

الله تعالي پنهنجي لاريب ڪتاب قرآن شريف جي آيت نمبر 114 ۾ فرمائي ٿو ته جڏهن حضرت عيسي عليه السلام جي مڃڻ وارن سندس کان گهر ڪئي ته الله تعالي کان گهر ڪريو ته هو اسان جي لاءِ آسمان منجهان دسترخوان(خونچو) نازل ڪري ته حضرت عيسي عليه السلام دعا گهري ته:

قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيمَ اللّٰهمَّ رَبَّنَاۤ اَنْزِلْ عَلَينَا مَآئدَةً مِّنَ السَّمَآءِ تَكُوْنُ لَنَا عيدا لِّاَوَّلِنَا وَ اٰخِرِنَا وَ اٰيةً مِّنْكَ وَ ارْزُقْنَا وَ اَنْتَ خَيرُ الرّٰزِقِينَ:

تڏهن مريم جي پٽ عيسى (خدا جي بارگاھ ۾) عرض ڪيو، اي معبود ، اي اسان جا پالڻهار! (پنهنجي فضل و ڪرم سان ) اسان جي مٿان آسمان مان هڪ خونچو (طعام جو) نازل فرماءِ ته جيئن اهو ڏينهن اسان جي لاءِ(يعني هن امت جي لاءِ) ۽ اسان جي اڳين لاءِ ۽ اسان جي پوين لاءِ(يعني بعد ۾ ايندڙ امت لاءِ ) عيد جو ڏينهن ٿئي، پڻ تنهنجي طرفان (هدايت ڪارڻ) هڪ نشاني(دليل) ٿئي ۽ تون اسان کي رزق ۽ روزي عطا فرماءِ ۽ تون سڀني روزي ڏيڻ وارن کان بهترين روزي ڏيڻ وارو آهين.(سورت مائده آيت نمبر 114). حضرت عيسي عليه السلام جي مڃڻ وارن جي نظر ظاهري فردي ۽ مادي دسترخوان(خونچي) تي هئي جڏهن ته حضرت عيسي عليه السلام جي نظر ان جي ظاهري، مادي، فردي شڪل ۽ صورت کان علاوه ان جي روحاني، معنوي، هدايتي ۽ اجتماعي صورت ۽ چهره تي نظر رکي تنهنڪري فرمايو ته اسان جي لاءِ،اسان جي اڳين جي لاءِ، اسان جي پوين جي لاءِ عيد ۽ تنهنجي طرفان کان هدايت جي لاءِ آيت (دليل) هجي بس معلوم ٿيو ته عيد جا ٻه پهلو ۽ چھرا ۽ صورتون آهن هڪ ظاهري ۽ مادي چهرو ۽ صورت ٻي ان جي روحاني ۽ روحاني ۽ معنوي صورت. هن آيت ۾ انهن ٻنهي صورتن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي.

عيد جي ظاهري ۽ مادي صورت

رمضان هرين شريف کانپوءِ شوال جي مهيني جي چنڊ ڏسڻ سان ئي اڳيو حڪم يعني دينهن جو کائڻ پيئڻ جو جھل وارو حڪم الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ٻانهي کي کائڻ پيئڻ جي اجازت ملي وڃي ٿي حضرت امام علي رضا عليه السلام فرمائن ٿا ته: لِأَنَّه أَوَّلُ يوْمٍ مِنَ السَّنَةِ يحِلُّ فِيه الْأَكْلُ وَ الشُّرْبُ ڇاڪاڻ ته عيد الفطر جو ڏينهن رمضان المبارڪ کانپوءِ سال جو پهريون ڏينهن آهي جنھن ڏينھن کائڻ ۽ پيئڻ حلال آهي(من لايحضره الفقيه، ج1، ص 522) تنهن ڪري ان ڏهاڙي ۾ خوشي ملهائڻ، جشن ملهائڻ، دوستن، عزيزن، رشيدارن وغيره سان ملڻ جلڻ ، نوان نوان ڪپڑا ۽ نيون شيون پهرڻ، وڏن جو ننڊن کي پيار ڪري خرچيون ڏيڻ ، وڏڙن ۽ جوانن جو هڪ ٻي سان ملڻ وڃڻ، طعام وغيره تيار ڪري کائڻ ۽ کارئڻ وغيره ظاھري ۽ مادي عيد جي صورت جا حصا آهن.

عيد جي حقيقي، روحاني ۽ معنوي صورت

اسان جيڪو مٿي بيان ڪيوسين اهو عيد جي ظاهري شڪل ۽ صورت سان مربوط ۽ لاڳاپيل هيو پر عيد جي هڪ روحاني، معنوي ۽ حقيقي صورت ۽ چهرو به آهي جيڪو زينت کان علاوه ٻيون خوبيون ۽ خوبصورتين ۽ پيغامن جو حامل پڻ آهي جن کي حديثن ۾ سهڻي طرح سان بيان ڪيو ويو آهي حضرت امام علي عليه السلام عيد جي حقيقي روحاني ۽ معنوي صورت فرمائن ٿا هر اهو ڏينھن جنهن ڏينهن گناه نه ڪيو وڃي اهو عيد جو ڏينهن آهي.

عيد ان جي لاءِ ناهي جيڪو صرف نوا ڪپڙا پائي بلڪه حقيقت ۾ عيد ان لا۽ آهي جنهن الله جي نافرماني کان بچندي پاڻ کي رب جي عذاب کان بچايو.

*لَيسَ الْعيد لِمَنْ تَبَخَّرَ بِالْعُوْدِ. اِنَّمَا الْعيد لِمَنْ تَابَ وَلَا يعُوْدُ

عيد ان جي لاءِ ناهي جنهن صرف ڀلي خوشبوءَ لڳائي بلڪه حقيقت ۾ عيد ان لا۽ آهي جنهن گناهن کان توبه جي خوشبو لڳائي ان گناھ ڏانهن وري نه موٽيو

خالق سان گڏ مخلوق کي ياد ڪرڻ

حقيقي روحاني عيد اها جنهن ۾ خالق سان گڏ مخلوق کي ياد ڪيو وڃي انهن جي مدد ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جون ڪجھه عبادتون اهڙيون آهن جن جي قبولي مخلوق جي حق ادا ڪرڻ سان ٻڌل آهي تنهنڪري جيڪڏهن ڪو روزا ته رکي پر فطرو ادا نه ڪري ته ان جا روزا اڻ پورا آهن. تنهنڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته خلق جي خدمت ڪرڻ جي ۽ سندن ڪم اچڻ ۽ انهن جي واهر ۽ پرگهور مثلا هنن ڏينھن ۾ ڪنهن مسڪين کي لباس وٺي ڌيڻ يا پيرن لا۽ ڪا شيء وٺي ڌيڻ يا ان جي مالي مدد ڪرڻ جي تمام گھڻي فضيلت ۽ اجورو آهي آهيو ئي سبب جو سني ۽ شيعا سڀ ان ڳالھه تي متفق آهن ته رمضان شريف جي روزن کانپوءِ ” فطرو“ ڏيڻ فرض آهي ۽ حديثن ۾ ان جا ڪيترائي فائدا ۽ فلسفه بيان ٿيا آهن

عيد مومن انسان لاءِ انعام وصول ڪرن جو ڏينهن آهي، يعني مومن کي پنهنجي عمل جي جزا ملندي جڏهن ته گنهگارن کي پنهنجي گناه جو بدلو ملندو تنهنڪري ان بدلي واري لحاظ کان عيد الفطر قيامت سان هڪجهڙائي رکي ٿي. امام علي عل السلام عيد جو خطب ديندي فرمايائون:اي انساني اج نيڪي ڪرن وارن کي جزا ۽ انعام ملن جو ڏينهن آهي جڏهن ته گنهگارن لاءِ سندن گناهن جي سزا ۽ نقصان ملڻ جو ڏينھن آهي. هي ڏينهن ان لحاظ کان قيامت سان تمام گھڻي شباهت رکي ٿو تنهنڪري جڏهن پنهنجي گهر مان نماز لاءِ نڪرو ته ان ڏينهن کي ياد ڪريو جڏهن ڏينهن توهان قبرن مان الله سائين ڏانهن وڃن لاءِ نڪرندو، جڏهن نماز لاءِ بيهو ته ته ان کي ياد رکجو ت ه هڪ ڏهاڙي الله سائين جي بارگاه ۾ بيهڻو آهي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽڻ وقت پنهنجي جنتي گهرن ڏانهن موٽڻ لاءِ ياد ڪجو.(تحف العقول ص 170)

اجتماع ۽ گڏجاڻي جو ڏينهن

دين اسلام ۾ ايڪي ۽ ٻڌي ۽ اتحاد جي تمام گهڻي فضيلت ۽ حيثيت بيان ڪئي وئي آهي ايترو قدر جو اڪيلي سر عبادت ڪرڻ کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ ان عبادت جو ثواب ۽ اجورو بيان ڪيو ويو آهي جيڪو اجتماع ۽ جماعت جي صورت ۾ انجام ڏنو وڃي تنهنڪري حقيقي روحاني عيد جي خاص اها ته هن ڏينهن اتحاد ۽ وحدت جو خيال رکيو وڃي ۽ هن عيد کي ايڪي ۽ ٻڌي جو هڪ سبب قرار ڏنو ويو آهي. حضرت امام رضا عليه السلام جن ان متعلق فرمائن ٿا ته :الله سائين فطر کي عيد بڻايو آهي ته جيئن مسلمان اجتماع ڪن ۽ الله پاڪ جي لاءِ نڪرن،سندس ڏنل نعمتنتي شڪر ادا ڪن،تنهنڪري اهو ڏينھن،عيد،اجتماع، گڏجاڻي، فطري ۽ زڪات،دعا ۽ مالڪ جي بارگاھ ۾ راز و نياز جو ڏينهن آهي بس الله رڳو چاهي ٿو ته گڏجي ڪري سندس بندگي ۽ عبادت ڪن ۽ سندس هر حدود کان پاڪ هجڻ ۽ ان جي وڏائي کي بيان ڪن.( کتاب من لايحضره الفقيه ، ج 1 ، ص 522 .)

اپريل 10, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو