ٺٽو پريس ڪلب مڪلي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبر پاران افطار پارٽي منعقد

Spread the love

ٺٽو(نظير احمد قريشي) پريس ڪلب مڪلي جي ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبر صحافي قادر جاکرو پاران جيلاني ھائوس مڪلي وٽ سندس رھائش گاھ تي افطار پارٽي منعقد ڪئي ويئي، جنھن ۾ روزيدارن کي روزو کولرائي سندس والد مرحوم حاجي محمد عيسيٰ جاکرو جي مغفرت لاء خصوصي دعائون گھريون ويون.

افطار پارٽي ۾ ٺٽي جي صحافی ايوب ملاح،  انچارچ شڪايت سيل انساني حقوق کاتو حڪومت سنڌ ضلعو ٺٽو ۽ سجاول الطاف حسين تنيو، صحافی واحد شورو، حافظ عمر جت،  شوڪت زئور، سليم تنيو، محمد يوسف ميراڻي، منظور ھيجب جاکرو، عبدالدستگیر آرائين عرف ڪاڪا،

جمن کماڻ، اياز ھيجب،  عمران ھيجب جاکرو،  صابر سمون، ڪمال ھيجب جاکرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررين رمضان جي ڀلاري مھيني جي فضيلت تي روشني وجھي ھڪ الله ۽ ان جي آخري نبي حضرت محمد مصطفي صلعم جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪئي.

اپريل 9, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو