سنڌ حڪومت پاران رمضان جي مهيني ۾ 78 لک خاندانن کي سستي اگهه تي اٽو فراهم ڪرڻ جو اعلان
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ مهانگائي جي طوفان ۾ وڌ کان وڌ ريليف پهچائڻ لاءِ 78 لک خاندانن کي رعايتي اگهن تي اٽو فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ڊيٽا ۾ موجود 50 هزار ۽ ان کان گهٽ آمدني وارن 78 لکن خاندانن کي اهو ريليف پهچايو ويندو. في خاندان کي هڪ مهيني تائين 2000 روپيا ڏنا ويندا. اها ڳالهه صوبائيوزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، قانون واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضٰي وهاب سان گڏ ڪابينا جي فيصلن بابت سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ميڊيا بريفنگ ڪندي ٻڌائي. هن چيو ته هي ريليف بي آئي ايس پي ۽ حبيب بينڪ جي ذريعي حقدارن تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شهري 8171 تي پنهنجو قومي شناختي ڪارڊ نمبر موڪلي ڪري ان جي تصديق ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو حقدار آهي ۽ ان جو ڊيٽا ۾ نالو شامل ناهي ته ويجهي بي آئي ايس پي مزڪز تي وڃي پنهنجو نالو ڊيٽا ۾ شامل ڪرائي سگهن ٿا، انهن کي 24 ڪلاڪن ۾ ڊيٽا ۾ شامل ڪيو ويندو. هن چيو ته هن وقت بي آئي ايس پي جي ڊيٽا ۾ 78 لک خاندان آهن، پر جيڪڏهن هي 1 ڪروڙ به ٿي وڃن ٿا ته سنڌ حڪومت ان کي ريليف فراهم ڪندي. رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سنڌ حڪومت جو هي انقلابي قدم آهي، جنهن تي 15.5 ارب روپين جي سبسڊي ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي پنهنجي ڀرپور عزم سان ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر گهرن جي تعمير تي 70 ارب روپيا خرچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته هارين ۽ آبادگارن کي 8 ارب روپيا ڏنا ويا آهن. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته سنڌ ڪابينا ذخيره اندورن ۽ منافع خورن جي حوصلا شڪني لاءِ اڄ ئي آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو گورنر سنڌ کي موڪليو پيو وڃي، آرڊيننس ۾ مجسٽريٽ جا اختيار فوڊ کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن کي ڏنا ويندا، جڏهن ته منافع خوري ۽ سرڪاري اگهن کان وڌيڪ قيمتن تي شيون وڪرو ڪرڻ تي ڏنڊ جي رقم وڌائڻ، گرفتاري، شيون ضبط ڪرڻ ۽ انهن کي نيلام ڪرڻ جا اختيار شامل ڪيا ويندا. هن چيو ته ان کان اڳ صرف اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اختيار حاصل هئا، سنڌ حڪومت بيورو آف سپلائي ۽ پرائسز کي پڻ اختيار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته سرڪاري قيمتن کان وڌيڪ اگهن تي شيون وڪرو ڪرڻ وارا دڪانن کي سيل ڪيا ويندا ۽ 10 لک روپين تائين ڏنڊ هنيو ويندو. هن چيو ته هن وقت ڏنڊ گهٽ آهن جنهن جي ڪريِ اڪثر منافع خور 2 لک روپيا ڪمائي ڪري 10 هزار روپيا ڏنڊ ڏئي ڇڏيندا آهن. هن چيو ته صرف ڏنڊ جي قيمت نه پئي وڌائي وڃي پر سامان به ضبط ڪري نيلام ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ڪابينا پوري سنڌ ۾ تعلقي سطح تي بچٽ بازارون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جا انتظام ضلعي انتظاميا ڪندي، جڏهن ته صوبائي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ان جي نگراني ڪندا ته جئين عوام کي ريليف ڏيڻ کي يقيني بڻايو وڃي . هن چيو ته مخالف ڌر جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پڻ ان جي اونر شپ وٺن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي ته انهن سمورن قدمن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته ميڊيا پڻ سنڌ حڪومت جي پارٽنر بڻجي ۽ منافع خوري ۽ ذخيره اندوزي جي نشاندهي ڪري. هن چيو ته وزير اعليٰ سنڌ چيف سيڪريٽري سنڌ کي ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي ته ٻن کان چئن ڏينهن ۾ عوام کي بي آئي ايس پي کان رقم جي منتقلي جو عمل شروع ٿي ويندو.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ڪابينا آدم شماري جي عمل تي پڻ شديد خدشن جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن وقت تائين وفاقي حڪومت جي قدمن مان مطمئن ناهي، جيڪڏهن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته آدم شماري سواليه نشان بڻجي ويندي. هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي ميمبرن هي معاملو اڄ جي اجلاس ۾ وڏي زور ۽ شور سان اٿاريو آهي، جنهن تي وزيراعليٰ سنڌ چيو ته هن اڳ ئي اهو معاملو مختلف فورمز ۽ وزيراعظم وٽ اٿاريو آهي. سڀاڻي هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم پاڪستان کي سنڌ ڪابينا جي خدشن بابت آگاهه ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل آدمشماري ۾ به سنڌ سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي هئي، جنهن کي سنڌ حڪومت قبول ناهي ڪيو. سنڌ اڄ تائين ڊجيٽل مردم شماري جي عمل مان مطمئن ناهي. هن چيو ته اسين سمجهون ٿا ته وفاقي حڪومت کي خدشا ختم ڪرڻ گهرجن ته جيئن بي اعتمادي جي فضا قائم نه ٿئي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به آدمشماري تي پنهنجا خدشا واضح ڪري ڇڏيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي هر حال ۾ ريليف پهچائيندي ۽ سنڌ ڪابينا جي فيصلن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو هن چيو ته سنڌ ڪابينا جي اڄ جي اجلاس ۾ پيپلز بس سروس جي ڀاڙن تي نظرثاني جو ايجنڊا به شامل هو پر ڪابينا ميمبرن ۽ وزيراعليٰ سنڌ ان ايجنڊي کي رمضان المبارڪ جي ختم ٿيڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن عوام کي مهانگائي جي طوفان ۾ وڌ کان وڌ ريليف پهچائي سگهي. ڪراچي ۾ مڪاني ادارن بابت سوال تي قانوني واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس ضمني چونڊن جي حوالي سان ڪا به هدايت ناهي ڏني، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميئر ۽ چيئرمين جون چونڊيون جلد ٿي وڃن ڇوته پوري صوبي ۾ ڪائونسلز مڪمل ٿي چڪيون آهن. ان حوالي سان ضمني چونڊن جو انتظار نه ڪيو وڃي ته جيئن اختيارن جي منتقلي ٿي سگهي ۽ چونڊيل مڪاني نمائندا عوام جا مسئلا حل ڪري سگهن. هن چيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ۽ ان معاملي تي پٽيشن داخل ڪئي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته اهي ڏينهن گذري ويا آهن، هاڻي ڪراچي ۾ ڪوئي به ٿنڊر اسڪواڊ ناهي ۽ فيصلا اڪثريت جي بنياد تي ٿيندا، اهي ئي اصول جمهوريت جا آهن، هن چيو ته هينئر تائين جي زميني حقيقتن مطابق سمورن سازشن جي باوجود اڪثريتي جماعت پيپلز پارٽي آهي، جنهن کي ڪراچي سميت پوري صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل رهي آهي.
مارچ 22, 2023