خير شاھ ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم کي جلد فعال بڻايو وڃي: ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد

Spread the love

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد زاھد حسين رند نواب شاهه ڀرسان خير شاھ واٽر سپلاءِ اسڪيم ، اربن ڊرينيج اسڪيم ماڊل ٽائون، ڊرينيج اسڪيم فقير جي کوھي جي ھلندڙ ترقياتي ڪم ۽ غريب آباد ڊسپوزل تي جاري سولر سسٽم جي ڪم جو معائنو ڪيو

 ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي تہ خير شاھ ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم کي جلد فعال بڻايو وڃي تہ جئين علائقي واسين کي واٽر سپلاءِ جي پاڻي جي فراهمي ممڪن ٿي سگھي

 ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي تہ نواب شاهه ۾ پبلڪ هيلٿ جي جاري ترقياتي اسڪيمن کي جلد مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ اسڪيمن ۾ معياري مٽيريل استعمال ڪيو وڃي تہ جئين انھن عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ سان عوام کي فائدو پھچي سگھي ۽ اھي اسڪيمون وڏي عرصي تائين عوام کي لاڀ ڏئي سگھن

 ڊپٽي ڪمشنر غريب آباد جي ڊسپوزل تي سولر سسٽم جي جاري ڪم جو پڻ معائنو ڪيو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڊسپوزل تي سولر سسٽم لڳڻ کانپوءِ غريب آباد ۾ گندي پاڻيءَ جي نيڪال وارو مسئلو حل ٿي ويندو

ڪوشش ھوندي تہ بجلي جي لوڊشيدنگ کي نظر ۾ رکندي ٻين علائقن جي مين ڊسپوزلز کي پڻ سولر سسٽم تي ڪيو وڃي تہ جئين گندو پاڻي آساني سان نيڪال ٿي سگھي

 ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن پاران نواب شاهه ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن بابت ڊپٽي ڪمشنر کي تفصيلي آگاھي ڏني وئي.

اپريل 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو