ڪراچي : انڊس پريس ڪلب طرفان ايڊووڪيٽ رضوان راڄپر جي سالگراھ ملھائي وئي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو)  ڪراچي ۾ غريب بي پهچ ماڻھن جي قانوني واهر ۽ سنڌي ڳوٺن جي بچاء ۽ ڪراچي جي زمينن تي غيرقانوني والار خلاف پنهنجي ٽيم سميت قانوني ويڙھ وڙھندڙ ايڊووڪيٽ رضوان راڄپر سان انڊس پريس ڪلب ڪراچي ۾ سالگراھ جو ڪيڪ ڪاٽي رهاڻ ملهائي وئي

سالگراھ تقريب ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراھ ممتاز بروهي انڊس لا ايسو سي ايٽس جي اڳواڻ رضوان راڄپر ايڊووڪيٽ امتياز بروهي ايڊووڪيٽ لقمان پنهور ايڊووڪيٽ دين محمد راڄپر ۽ ٻين وڪيل ساٿين ۽ انڊس پريس ڪلب ڪراچي جي صدر اصغر بروهي فدا رند امتياز بڙدي اسد بروهي سردار ملاڻو آفتاب بروهي محمد ارشد ملڪ ۽  صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

تقريب ۾ نوجوان ايڊووڪيٽ رضوان راڄپر جي سالگراھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو  ۽ سندس ٽيم کي ڪراچي اندر سنڏي ڳوٺن ۽ سنڌي ماڻھن جي واهر ۽ مالڪي ڪرڻ تي کيس ڀيٽا ڏني وئي ۽ کين اجرڪ پارايا ويا

نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي مرڪزي صدر ممتاز بروهي چيو ته وڪيل ڌرتيء جي دانهن ٿيندا آھن آئون جس ٿو ڏيان ايڊووڪيٽ رضوان راڄپر ايڊووڪيٽ امتياز بروهي ايڊووڪيٽ لقمان پنهور ۽ سندن ٽيم کي ۽ سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي هر وقت پنهنجي ماڻھن جي واهر ڪن ٿا.

اپريل 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو