ڊيرا اسماعيل خان ۾ فورسز جو آپريشن، اٺ دهشتگرد مارجي ويا

Spread the love

ڊيرا اسماعيل خان ( ويب ڊيسڪ ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڊيرا اسماعيل خان ۾دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 8 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

اپريل 6, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو