دادو: شيعھ علماءَ ڪائونسل ۽ ٻين تنظيمن پاران فلسطينين جي حمايت ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) علامھ سيد ساجد علي نقوي جي حڪم تي دادو ۾ شيعہ علماء ڪائونسل ضلع دادو طرفان ۽ ٻين تنظيمن پاران مرڪزي امام بارگاھ حيدري کان پريس ڪلب دادو تائين بيت المقدس جي آزادي، مظلوم فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل، آمريڪا جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،
ريلي ۾ اصغريه علم و عمل تحريڪ دادو، اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان دادو، تحريڪ بيداري امت مصطفي، جعفریہ اسٽوڊنٽس آرگنائزیشن، ۽ ٻين تنظيمن ۽ انجمنن شرڪت ڪري اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن سلامت جعفري، محمد عالم ساجدي، مشعيب اصغري، وسيم جعفري، مشتاق حسين حسيني ، الهبچايو انقلابي نياز حسين سخيراڻي، آفتاب جعفري، الطاف سخيراڻي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل غاصب رياست آهي جيڪو فلسطينين مسلمانن جو ناحق قتل عام ڪري رهيو آهي،
اسرائيل لاءِ باباء قوم قائداعظم محمد علي جناح فرمايو آهي ته اسرائيل هڪ ناجائز رياست آهي، پاڪستان ان کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندو پر افسوس سان اسان جا حڪمران فلسطيني مسلمانن جي ناحق قتل عام تي خاموش آهن،
اڳواڻن اقوام متحده، او آئي سي، ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته غزه ۾ هن مهل تائين تقريبن 35 هزار کان به وڌيڪ مسلمان شهيد ٿي ويا آهن
اتي جنگ بندي ڪرائي، فلسطين ۽ بيت المقدس تان اسرائيل جو قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ پاڪستان ۾ اسرئيلي مصنوعات جي فروخت تي به پابندي لڳائي وڃي، ٻي صورت پاڪستان ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
اپريل 5, 2024