سکر: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي قرآن خواني جو اھتمام

Spread the love

سکر(رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سکر هائوس تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جي موقعي تي قرآن خواني ۽ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو۔ پ پ پ سکر سٽي صدر مشتاق سرهيو۔ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ۔ ايم پي اي فرخ شاھ۔ ميئر سکر ارسلان شيخ سميت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شرڪت ڪئي۔

تفصيل موجب۔ گذريل ڏينهن اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 45 هين ورسي جي موقعي تي سکر هائوس تي قرآن خواني ۽ افطار ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو۔

جنهن پروگرام ۾ پ پ پ سکر سٽي  جي صدر مشتاق احمد سرھيو۔ ايم اين اي نعمان اسلام شيخ۔ ايم پي اي سيد فرخ شاھ۔ ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ۔ ڊپٽي ميئر ارشد مغل۔ طارق چوهاڻ۔ مڪي شاھ ٽائون جي وائيس چيئرمين مرتضيٰ گھانگرو۔ سميت يوسي چيئرمينن۔ ڪائونسلرن۔ ليڊيز ونگ۔ ڪارڪن جيالن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ سان سچو ۽ وفادار هو جنهن ملڪ جي ڀلائي لاء متفقه آئين ڏنو جيڪو اڄ تائين قائم آهي، ملڪ کي ايٽمي قوت ڏني ۽ اسلامي ملڪن کي هڪ بينچ تي ويهاريو

ان ڪري قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ ملڪ جو عوام عقيدت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسي ۽ محبت ڪري ٿو۔ جڏهن تقريب آخر ۾ شريڪ ماڻهن کي افطار ڊنر ڪرائي وئي۔

اپريل 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو