سکر: نيوپنڊ پوليس پاران آڪڙا پرچي جوا جي دوڪانن تي ڇاپا

Spread the love

سکر (بيورو رپورٽ: ماجد منگي ) ايس ايس پي عابد علي بلوچ جي هدايتن تي نيوپنڊ پوليس آڪڙا پرچي جوا جي دوڪانن تي ڇاپو، 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو،

ان سلسلي ۾ ترجمان پوليس محمد بخش بلوچ پاران جاري ڪيل پيرس بيان ۾ چيو آھي ته سکر جي نئين پنڊ ٿاڻي جي پوليس ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ جي هدايتن تي عمل ڪند ي سماجي براين خلاف ڪاروائيون ڪندي ٿاڻي جي حدد اندر آڪڙا پرچي جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري جوابدارن جي قبضي مان پرچي سلپ باڪس،

موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪيا آھن گرفتار جوابدارن ۾ عابد حسين، شاهه علي، نذير، شهزاد، مرتضيٰ، لطيف، بلاول ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو آھي۔

ايس ايس پي سکر پاران پوليس ٽيم کي شاباسي جو پيغام موڪليو آھي ۽ سماجي براين خلاف وڌيڪ ڪاروائيون تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي۔

اپريل 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو