سڪرنڊ: فلسطيني عوام مٿان اسرائيلي ڏاڍ ۽ جبر خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
سڪرنڊ (رپورٽ: فقير راج ڪماراوڏ) فلسطين جي مظلوم عوام مٿان اسرائيل جي ڪيل ڏاڍ ۽ جبر خلاف يوم القدس جي موقعي تي تحريڪ عمل و علم پاڪستان سڪرنڊ ۽ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاران سوين عورتن ۽ معصوم ٻارن سان گڏ مسجد ابو تراب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي پهتي. جتي الڳ الڳ خطاب ڪندي مولانا سيد نثار حسين شاه نقوي، مولانا دلدار حسين پرهياڙ ۽ مولانا منظور حسين کوسو چيو ته فلسطين جي مردن، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي اسرائيل پاران ڪيل بمباريءَ کي صيهوني جارحيت سمجهون ٿا
۽ اسرائيل ۽ آمريڪا دنيا تي حڪمراني ڪرڻ وارن ناپاڪ منصوبن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عالمِ اسلام کي ڪچلڻ چاهي ٿو. هنن چيو ته اسرائيل عالمي معاهدي جي انحرافي ڪندي بم ۽ موتمار هٿيارن جو استعمال ڪري رهيو آهي. جنهن سان اسڪول، اسپتالون، رهائشي علائقا مڪمل تباھ ٿي چڪا آهن ۽ ھزارين فلسطينين جو قتل عام ڪري بيگناه رت وهايو ويو آهي.
هنن چيو ته مسلمان ملڪن کي متحد ٿي آمريڪا ۽ اسرائيل سميت اسلام دشمن ملڪن خلاف جهاد ڪرڻ گهرجي. جيڪڏھن مسلم ملڪ يهودي بربريت تي وڌيڪ خاموش رهيا ته ان جا انتهائي ڀيانڪ نتيجا نڪرندا. ريلي ۾ شريڪ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا اسرائيل جي ڍايل ظلمن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.
اپريل 5, 2024