منهنجي  خلاف سوشل   ميڊيا   تي  ڪوڙيو  خبرون  ھلايو  پيون  وڃن: علي گل خاصخيلي 

Spread the love

سنجھورو  ( رپورٽ: احمد  حسن خاصخيلي )  فوڊ  انسپيڪٽر  علي گل خاصخيلي  ھڪ بھترين   آفيسر  آهي  جنهن  جي   باري  ۾  سوشل   ميڊيا   تي  ھلندڙ   خبرن ۾ ڪا به  صداقت  ناهي   فوڊ انسپيڪٽر   علي گل  خاصخيلي  ميڊيا   سان  ڳالھائيندي   چيو ته  منهنجي  باري  ۾ سوشل   ميڊيا   تي  ڪوڙيو  خبرون  ھلايو  پيو  وڃن  دراصل جيڪي  بارداڻو  منهنجي  ھٿ ۾  آيو آهي

 اھو  مون  زميندارن  ۽ ھارين   جي  حوالي  ڪيو  آهي  فوڊ انسپيڪٽر  علي گل خاصخيلي  هڪ  بهترين  آفيسر  آهي بارداڻو  اي سي  ۽  مختيارڪار  تپيدار   ملي  پڳت وانگرن  ملي  ڪري   وڪرو ڪري  رھيا   آهن

   ڪجهه  ماڻهو  مال وٺڻ  جي  چڪر  ۾  ھڪ  بھترين   شخصيت  جي  مالڪ  علي گل خاصخيلي خلاف اجائي واويلا  ڪري  رھيا   آهن  اھڙي   عمل جي  سخت  الفاظن   ۾ مذامت   ڪجي  ٿي   فوڊ انسپيڪٽر   علي گل  خاصخيلي  جو چوڻ ھو ته  مون وٽ سڀ شئي  جي  لکت آهي

 اگر   ڪير به  مون وٽ اچي  مون کان حساب  ڪتاب  وٺي  سگهي  ٿو  ۽ آئون   مليل  سرڪاري بارداڻي  جو حساب  ڪتاب  ڏيڻ  جي  لاء  تيار  آھيان  ۽ فوڊ  انسپيڪٽر   علي گل خاصخيلي  چيو  ته  ڪجهه  بليڪ  ميلر  مون کي   اجايو  ٽارگيٽ   ڪري  مون کان  مال وٺڻ  جي  چڪر  ۾ آهن  آئون   ڪنهن  به  بليڪ  ميلر  جي  چڪر  ۾  اچڻ  وارو  ناھيان 

  ڪجهه  شر پسند  ماڻهو سوشل   ميڊيا  تي  منهنجي  باري  ۾ گھٽ وڌ لکي  رھيا  آهن  انهن  بليڪ  ميلرن  جي  لکڻ سان  مون تي  ڪو به  فرق  نٿو   پوي   عزت زلت منهنجي  الله  پاڪ جي  ھٿ ۾  آهي   فوڊ انسپيڪٽر  علي  گل  خاصخيلي  جي  خلاف  سوشل   ميڊيا   تي  ھلندڙ  واويلا  ۽ اجائي  تنقيد  بند  ڪئي  وڃي.

اپريل 5, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو