ڪراچي: “ٿرپارڪر ۾غذائيت جي تشخيص“ جي موضوع تيريسرچ اسٽڊي جي افتتاحي تقريب
ڪراچي(رپورٽر) صدر آئي او آئي IOI محتسب ويسٽرن آسٽريليا ڪرس فيلڊ ۽ صدر IOI پرنسپل اسسٽنٽ آئي او آئي ريبيڪا پول پنهنجي دوري دوران 13 مارچ 2023 تي وزيراعليٰ هائوس ۾ ”ضلع ٿرپارڪر ۾ غذائيت جي تشخيص“ جي موضوع تي ريسرچ اسٽڊي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جتي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سندس آجيان ڪئي، /جڏهن ته 14 مارچ 2023 تي سنڌ جي صوبائي محتسب اعجاز علي خان سان گڏ هن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان به ملاقات ڪئي. بعد ۾ صوبائي محتسب سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. جتي هن هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. ان موقعي تي سنڌ جي محتسب اعجاز علي خان جي دفتر جي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ڪراچي ۾ رهائش دوران هن مزار قائد، نيشنل ميوزيم آف پاڪستان، موهٽا پيلس ۽ هولي ٽرينٽي ڪيٿڊرل چرچ جو پڻ دورو ڪيو. صدر آئي او آئي محتسب ويسٽرن آسٽريليا ڪرس فيلڊ ۽ صدر IOI جي پرنسپل اسسٽنٽ ريبيڪا پول 16 مارچ 2023 تي پنهنجو ڪامياب دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان کان روانو ٿي ويو.
مارچ 18, 2023