سڪرنڊ: ايس ايس پي شهيد بينظير آباد پاران منشيات جي وڪري ۽ استعمال خلاف ڪارروايون
سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو پاران منشيات جي وڪري ۽ استعمال خلاف ڪارروايون ڪرڻ جي سخت حڪمن کان پوءِ سڪرنڊ پوليس جي منشيات کپائيندڙن خلاف وٺ پڪڙ ۾ تيزي اچي وئي.
مختلف هنڌن تان چار ملزم ڪچي شراب ۽ نشيدار سوپارين سميت گرفتار. مٿن سڪرنڊ ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ هيڊ ڪانسيٽيبل ون فائو انچارج امان الله ملاح ،الله بخش جلباڻي ۽ علي اصغر بروهيءَ پاران ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا.
گرفتار ٿيلن ۾ امجد علي ولد علي احمد دائود پوٽو ويٺل لطيف ڪالوني کي ڪچي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته فهيم پٽ شمس الدين رند ويٺل مهراڻ ڪالوني سڪرنڊ، صلاح الدين عرف بلوچو پٽ حبيب الله جلالاڻي ويٺل ڳوٺ صاحب خان جلالاڻي،
معشوق علي پٽ محرم خاصخيلي ويٺل بخاري محلا سڪرنڊ کي نشيدار سوپارين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن سڪرنڊ پوليس جو چوڻ آهي ته هن کان اڳ به منشيات کپائيندڙن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو آهي ۽ وڌيڪ ڪارروايون پڻ جاري رهنديون.
اپريل 4, 2024