ٺٽو: لوڻي ڪوٽ لڳ ڪوھستاني مڪان مکيا ۾ پورھيت جر گھرکي باھ ، الھھ تلھھ سڙي رک
ٺٽو(نظير احمد قريشي) لوڻي ڪوٽ ويجھو ڪوھستاني مڪان مکيا ۾ پورھيت گل مير شورو جي گھر کي اوچتو باھ لڳڻ ڪري گھر ۽ گھر ۾ رکيل سمورو سامان، اناج، ھنڌ بسترا، ڪپڙا وغيرہ سڙي رک ٿي ويا،
باھ متاثر ھن رمضان شريف جي ڀلاري مھيني ۾ کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻجي ڪنھن مسيحا جو منتظر آھي، پر اڃان تائين سندس ڪنھن بہ سار ناھي ناھي،
باھ متاثر گل مير شورو ڊي سي ٺٽو، ايم پي اي، ايم اين اي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي آھي تہ سندس پوئيواري ڪري سندس ٿيل نقصان جو ازالو ڪرائي کيس گھر جوڙائي ڏنو وڃي جيئن پنھنجي ٻچن کي ھن سخت گرمين کان بچائي سگھي.
اپريل 3, 2024