اسرائيل آمريڪا جي سرپرستي ھيٺ فلسطينين تي ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي: زوار محمد حسين چانڊيو

Spread the love

نوابشاھ ( رپورٽ: فدا حسن رند) شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ڊويزن شهيد بينظير آباد جي صدر زوار محمد حسين چانڊيو، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري مولانا تاج علي انقلابي، سيد فياض حسين شاھ، مولانا ڪفايت حسين ڪريمي،

 مولانا عطا حسين چانڊيو، مولانا محمد صالح شر، سيد زاهد حسين شاھ، غلام عباس سيال، حب علي چانڊيو، عرفان علي جسڪاڻي، مولانا محمد عالم مري، غلام عباس رند،

سيد جعفر علي شاھ، صفدر ڪربلائي، غلام شبير مهر، خادم حسين پڙھيار، امداد علي رند ۽ ٻين پنھنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل آمريڪا جي سرپرستي ۾ مظلوم فلسطينين تي ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي،

 فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آھي، اقوام متحدہ، انساني حقن جون تنظيمون ۽ اسلامي ملڪ مڪمل خاموش تماشائي بڻيل آھن،

 ھنن چيو ته قائد ملت جعفريه پاڪستان علامه سيد ساجد علي نقوي صاحب جي اعلان تي جمعة الوداع 25 رمضان المبارڪ پوري ملڪ جيان ڊويزن شهيد بينظير آباد ۾ مظلوم فلسطينين جي حمايت ۽ غاصب ظالم اسرائيل خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو ۽ ريليون،

 مظاهرا ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويندا، انھن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو ته يوم القدس کي سرڪاري طور تي ملھايو وڃي ۽ اسرائيلي شين تي پابندي مڙھي وڃي.

اپريل 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو