نوشهروفيروز : دريا خان مري لڳ ھٿياربندن  ھٿان نوجوان قتل

Spread the love

نوشهروفيروز  (رپورٽ: محمد عادل عباسي ) دريا خان مري ڀرسان وڳڻ برادري ۽ مري برادري ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ھڪ وڌيڪ بيگناھ جان ڳڙڪائي ويو

 3 ونٽو فاء موٽر سائيڪل تي سوار وڳڻ برادري جي برقعا پاتل ھٿياربندن ڳوٺ کنڊو مري ۾ يار محمد مري جي اوطاق تي حملو ڪري ڪرائي تي موٽر سائيڪل ھلائيندڙ نوجوان صدام پٽ يار محمد مري کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو

جڏھن ته گوليون لڳڻ ڪري واٽھڙو علي حيدر جمالي پڻ زخمي ٿي پيو اطلاع ملڻ دريا خان مري پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي صدام مري جو لاش ۽ زخمي علي حيدر جمالي کي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه ھجڻ ۽ بي گناھ نوجوان جي قتل ڪرڻ خلاف فوتي جي وارثن پاران باء پاس تي فوتي جو لاش رکي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي سبب نوابشاھ ۽ نوشھرو فيروز ويندڙ مسافر گاڏيون 2 ڪلاڪن تائين بيھجي ويون

 ڊي ايس پي نوشھرو فيروز عبدالله لاکير ۽ ايس ايڇ او دريا خان مري سڪندر چانڊيو مظاھرين سان ڳالھيون ڪري فوتيء جو لاش پوسٽ مارٽم لاء رورل ھيلٿ سينٽر درياخان مري منتقل ڪري روڊ کولرايو پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

فوتي جي والد يار محمد مري چاچي علي گوھر مري ٻڌايو ته 3 ونٽو فاء موٽر سائيڪل تي سوار برقعا پاتل وڳڻ برادري جي ھٿياربندن بنا جواز اوطاق تي حملو ڪري بيگناھ نوجوان صدام مري کي ڪلاشن جا برسٽ ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا

جڏھن ته گوليون لڳڻ ڪري علي حيدر جمالي زخمي ٿيو آھي زخمي علي حيدرجمالي کي علاج لاء نوابشاھ اسپتال نيو ھنن چيو ته زمين جي تڪرار سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آھي اسان جي نوجوان کي ڪلاشنڪوف جا برسٽ ھڻي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي

 واضح رھي ته 2 سال اڳ پڻ وڳڻ برادري جي ھٿياربندن دريا خان مري شھر ۾ موٽر سائيڪل جي دڪان تي ويٺل نوجوان بدرالدين مري کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ھيا

 جنھن جو وڳڻ برادري ۽ مري برادري ۾ فيصلو پڻ ٿيو وڳڻ برادري تي بيگناھ قتل جو خون ثابت ٿيو ۽ وڳڻ برادري تي 32 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو وڳڻ برادري ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪئي

 ٻئي پاسي وڳڻ برادري ۽ مري برادري جي 12 ايڪڙ زرعي زمين جي تڪرار تان شروع ٿيل جھيڙي سبب جان محمد عرف جانڻ مري جعفر مري بلاول مري بدرالدين مري صدام مري ايوب موروجو قتل ٿي چڪا جڏھن ته وڳڻ برادري جو رياض علي وڳڻ استاد ننگر وڳڻ عطا محمد وڳڻ اميد علي وڳڻ صدام وڳڻ ۽ ڪار ڊرائيور لياقت لغاري قتل ٿي چڪا.

اپريل 3, 2024

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو